ڪڻڪ جي پوک بابت اجلاس،پاڻي نيڪالي تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪڻڪ جي پوک بابت اجلاس،پاڻي نيڪالي تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شهرن ۽ زرعي زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ صوبائي آبپاشي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، انجنيئر ڪور ڪمانڊر برگيڊيئر نيئر، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، چيف انجنيئر آبپاشي جمال ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه شرڪت ڪئي. عملدارن بريفنگ ڏيندي چيو ته گڊو بئراج، سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ درياهه جو پاڻي معمول مطابق وهي رهيو آهي. منڇر ڍنڍ جي سطح 123.3 آر ايل مان گهٽجي 177.35 ٿي وئي آهي، وڏي وزير سنڌ کي آگاهي ڏني آهي.ايل ايس ڊيم ۽ ڊينسٽر، يورال هيڊ ۽ ٽيل جي 3 ڪرڪن مان 70030 ايڪڙ پاڻي نڪري رهيو آهي.سيف الله ڪينال ۽ رئيس ڪينال ۾ ايف پي ڊيم ۾ 8.5 فوٽ کان گهٽجي 11.5 فوٽ ٿي رهي آهي.سپريو ڊيم ۾ به 6 کان 7 فوٽ پاڻي گهٽجي ويو آهي، ايم اين وي ۾، آر ڊي 194 تي 4.2 فوٽ، آر ڊي 210 تي 3.5 فوٽ ۽ آر ڊي 346 تي 11.4 فوٽ پاڻي گهٽجي ويو.خيرپور ناٿن شاهه-دادو روڊ تي به 5.85 فوٽ مان 2 فوٽ گهٽتائي ٿي وئي آهي.چنڪي جي موڙ تي ايف بند تي شگاف بند ڪيا ويا، منڇر ڍنڍ جي آر ڊي 14 تي بريچ پڻ بند ڪيو پيو وڃي ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي سطح ايتري ته وڌي وئي جو آر ڊي 7 ۽ آر ڊي 18 تي 2 ڪريڪ اچي ويا جيڪي هاڻي بند ڪيا ويا آهن.ڪشمور مان 58 سيڪڙو، شڪارپور مان 55 سيڪڙو، لاڙڪاڻي مان 48 سيڪڙو، جيڪب آباد مان 41 سيڪڙو ۽ قمبر شهدادڪوٽ مان 25 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي.حيدرآباد مان 70 سيڪڙو، ٽنڊوالهيار مان 82 سيڪڙو، ٽنڊي محمد خان مان 61 سيڪڙو، ٺٽي مان 77 سيڪڙو، سجاول مان 53 سيڪڙو ۽ بدين مان 41 سيڪڙو پاڻي ڪڍيو ويو آهي. دادو مان 13 سيڪڙو، نوشهروفيروز مان 48 سيڪڙو، شهيد بينظير آباد مان 53 سيڪڙو، سانگهڙ مان 65 سيڪڙو پاڻي ڪڍيو ويو آهي.سکر مان 50 سيڪڙو، خيرپور مان 46 سيڪڙو، گهوٽڪي مان 75 سيڪڙو پاڻي ڪڍيو ويو آهي. ميرپورخاص مان 52 سيڪڙو ۽ عمرڪوٽ مان 58 سيڪڙو پاڻي ڪڍيو ويو آهي، ميرپورخاص ۾ 247000 کان 152000 چورس ميٽرن جو پاڻي نيڪال ٿيڻ وارو آهي.ٽنڊو محمد خان ۽ بدين جو ڪجهه حصو ڪارو گنگارو ذريعي پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير عملدارن کي هدايت ڏيندي چيو ته ڪڻڪ جي پوک لاءِ پاڻي جي نيڪال جو ڪم تيز ڪيو وڃي، ميرپورخاص ضلعي ۾ روشن آباد پل کي ايندڙ 3 ڏينهن ۾ کوليو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو