ڪچي ۾ آپريشن جو حتمي پلان تيار ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس ڪچي ۾ آپريشن جو حتمي پلان تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪچي ۾ آپريشن لاءِ آءِ جي سنڌ جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب 14 رڪني ڪميٽي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ جامع پلان جوڙيندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ سکر ۾ ڌاڙيلن جي ڍانچي جا تفصيل گڏ ڪيا ويندا.نوٽيفڪيشن موجب پوليس بيس ڪيمپ ٺاهڻ ۽ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي ويندي.سنڌ جي خام علائقن ۾ مستقل امن لاءِ پلان پڻ پيش ڪيو ويندو.نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ۾ ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جي آر ايف، لاڙڪاڻو ۽ سکر، ايس ايس پي ڪشمور ۽ گهوٽڪي به شامل آهن.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته حساس ادارن، رينجرز ۽ فوج جا نمائندا به ڪميٽي جو حصو هوندا.اها ڪميٽي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي جوڙي وئي آهي، جيڪا 6 ڏينهن ۾ کيس رپورٽ پڻ پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو