راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيل ٻن مختلف ڪاررواين جي نتيجي ۾ ڀارتي حمايت يافته 31 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق 13 ۽ 14 سيپٽمبر تي سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۾ ٻه مختلف ڪارروايون ڪيون، جن جي نتيجي ۾ ڀارتي پروڪسي 31 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ضلعي لڪي مروت ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 14 ڀارتي پروڪسي مارجي ويا. ترجمان موجب سيڪيورٽي فورسز جي ٻئي ڪارروائي ضلعي بنون ۾ ڪئي ويئي، جتي فورسز فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 17 خارجي دهشتگردن کي ماريو. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ڀارتي سرپرست خوارج جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ملڪ مان ڀارتي سرپرستي هيٺ دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور ختم ڪيو ويندو. ياد رهي ته 11 سيپٽمبر 2025 تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀارتي پروڪسي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي لوئر دير جي علائقي لال قلعه ميدان ۾ آپريشن ڪيو ويو هو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي مؤثر نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 10 ڀارتي حمايت يافته خارجي مارجي ويا هئا. تنهن هوندي به شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وطن جا 7 بهادر سپوت شهيد ٿيا هئا.










