ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد نشان حيدر جو 24 هون يومِ شهادت

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد نشان حيدر جو 24 هون شهادت جو ڏهاڙو اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، سندس شهادت واري ڏينهن تي پاڪ فوج ۽ فوجي قيادت کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.ڪيپٽن ڪرنل شير خان جي شهادت واري ڏينهن تي قرآن خواني ۽ دعا جو انتظام ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد نشان حيدر جي 24هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ڪور ڪمانڊر پشاور صوابي ۾ ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي.آءِ ايس پي آر موجب انسپيڪٽر جنرل فرنٽيئر ڪور (اتر) ۽ ڪمانڊر فورس ڪمان ناردرن ايرياز به ڪور ڪمانڊر سان گڏ هئا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز جو چوڻ آهي ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان جي بي مثال بهادري اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، هن جرئت، حب الوطني جي لازوال تاريخ رقم ڪئي، سندس شهادت جو ڏهاڙو مادر وطن ۽ ملڪ لاءِ فورسز جي قربانين جو مظهر آهي. اهي چمڪندڙ ستارا جن پنهنجيون جانيون شهرت لاءِ قربان ڪيون اهي عزت ۽ احترام جا مستحق آهن.ڪئپٽن ڪرنل شير خان جنوري 1999ع ۾ پاڻ کي لائن آف ڪنٽرول تي پوسٽنگ لاءِ پيش ڪيو ۽ ڪارگل محاذ تي NLI جي بهادر يونٽ جو حصو بڻجي ويو.5 جولاءِ 1999ع تي ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهادت ميڊل کي پنهنجي سيني تي چاڙهيو.ڪرنل شير خان شهيد جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته ڪرنل شير خان شهيد پنهنجو اڄ اسان جي سڀاڻي لاءِ قربان ڪيو، پاڪستان جو جهنڊو شهيد 18400 فوٽن جي بلندي تي لڳايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو