ڪين وليمسن ورلڊ ڪپ جي ٻئي ميچ مان ٻاهر

ڪين وليمسن ورلڊ ڪپ جي ٻئي ميچ مان ٻاهر

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ڪين وليمسن زخمي ٿيڻ سبب ورلڊ ڪپ جي ٻي ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري اسٽيڊ جو چوڻ آهي ته ڪين وليمسن انجري مان صحتياب ٿي رهيو آهي، کيس فيلڊنگ ۾ به ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، هو ٽئين ميچ لاءِ موجود هوندو. گيري اسٽيڊ موجب فاسٽ بالر لاڪي فرگوسن ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻئي ميچ لاءِ موجود هوندو جڏهن ته ٽم سائوٿ به ٽريننگ سيشن ۾ حصو ورتو ۽ بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪئي. گيري اسٽيڊ جو چوڻ آهي ته ميچ کان اڳ ٽم سائوٿي جو فائنل ايڪسري ڪرايو ويندو ۽ رپورٽ اچڻ بعد کيس ميچ ۾ شامل ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو چوڻ آهي ته هالينڊ خلاف حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ميچ جي تياري ڪري رهيا آهيون، ٽريننگ سيشن کانپوءِ پليئنگ اليون کي حتمي شڪل ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو