ڪينسر جي خاتمي لاءَ سپر سولجر سيلز تيار

ٽورنٽو(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن انسان ۾ پيدا ٿيندڙ ڪينسر واري ٽيومر کي ختم ڪرڻ لاءِ مدافعتي نظام يعني اميون سيسٽم ۾ سپر سولجر سيل تيار ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. پرنسس مارگريٽ ڪينسر سينٽر جي محققن ڊي اين اي کي موڊيفاءِ ڪري سپر سولجر سيل تيار ڪيا آهن جيڪي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪندا ۽ هو ڪينسر ٽيومر کي ختم ڪندا.هن تحقيق ۾ پي ايڇ دي ڪندڙ اميدوار هيلن لُو يائو، پوسٽ ڊاڪٽورل فيلو اِيما بيل ۽ سينئر سائنسدان ڊينئل ڊي ڪاروالهو حصو ورتو آهي. سينئر سائنسدان جو چوڻ آهي ته اسين ٻين اميونوٿراپيز سان گڏ اينٽي ٽيومر اميونٽي کي وڌائي ڪينسر ٽيومر سيلز کي ختم ڪرڻ آهي. مسٽر ڪاروالهو ٽورنٽو جي ميڊيڪل بايوفزڪس دپارٽمينٽ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي.هن و چوڻ آهي ته اسين هاڻي مريض مان ٽي سيلز کڻي ليب ۾ انهن جي ڄم بابت تجربو ڪنداسين. ڊي اين اي جي موڊيفائيڊ سيلز جن کي سپر سولجر جو نالو ڏنو ويو آهي اهي مريض ۾ داخل ڪنداسين جيڪي اميون سيسٽم کي وڌائيندا ۽ هو ڪينسر سيلز کي ختم ڪندا. تفصيلي خبر هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو