ڪيمپس اسڪول مان 5 استاد بدلي، ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو احتجاج

نئون ڪوٽ (پيارعلي نهڙيو) يونين ڪائونسل ڀٽارو جي ڳوٺ قاضي صاحبڏنو سومرو جي گورنمينٽ ڪيمپس اسڪول مان پنج استادن جي بدلي خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو. ايس ٽي آر پاليسي تحت اسڪول مان استادن جي بدلي خلاف ڳوٺاڻن، شاگردن ۽ استادن ڄاڻايل اسڪول کان 12 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان تعليم کاتي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين الزام لڳايو ته ٽي اي او ڪلوئي کنگھار سنگهه تعليم دشمن پاليسي تي لهي آيو آهي معصوم شاگردن جو مستقبل سنوارڻ بجاءِ تباہ ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته اسان جي اسڪول ۾ 600 کان مٿي شاگرد داخل آهن اسڪول ۾ وڌيڪ استاد ڏيڻ بجاءِ ٽي اي او صرف 45 شاگرد ڏيکاري 5 پرائمري استادن جي بايو ميٽرڪ سسٽم سميت بدلي ڪرائي ڇڏي آهي. هنن چيو ته هي اسڪول مير پور خاص ڊويزن ۾ پڙهائي جي لحاظ کان پهرين پوزيشن تي آيو آهي ۽ شاگردن جي وڌندڙ داخلا کي سامهون رکي 8ڪمرا  اسڪول جي باني غلام محمد سومرو پاڻ ٺهرايا آهن پر ٽي اي او ڪلوئي تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کي غلط معلومات پيش ڪري گمراهه پيو ڪري. هنن صوبائي وزير تعليم سيڪريٽري تعليم ڊائريڪٽر تعليم کي اپيل ڪئي آهي ته اسڪول ۾ بدلي ڪيل استاد واپس ڏيئي معصوم شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو