ڪو وزيراعظم هو جيڪو چوندو هو ته 50 لک گهر ٺاهيندس

گهوٽڪي (ن س ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن قوم کيس ايندڙ عام چونڊن ۾ مينڊيٽ ڏنو ته هو سڄي پاڪستان ۾ اهڙن خاندانن کي بنا وياج قرض ۽ رهائشي زمينون فراهم ڪندو جيڪي نسل در نسل سرڪاري زمينن تي رهر رهيا آهن پر انهن کي مالڪاڻي حقن کان محروم رکيو ويو آهي. عورتن کي پڪي گهرن جو مالڪ بڻايو ويندو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي حڪومت جي عوام دشمن قدمن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته چونڊيل وزيراعظم هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو ڪوڙو واعدو ڪري قوم سان دوکو ڪيو. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ 82 هزار 746 گهرن جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 20 لک گهر ٺاهيا ويا آهن ۽ متاثرن کي ڏنا ويا آهن. زمينن تي مالڪاڻا حق ڏيڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتن هميشه اهڙا انقلابي پروگرام متعارف ڪرايا آهن، جن سان غربت جو مقابلو ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، يونين ڪائونسل ليول تي ڪاروبار لاءِ عورتن کي بنا وياج قرض ڏيڻ جو پروگرام ۽ هاڻي ٻوڏ متاثر خاندانن کي گهر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي ان گهر جي زمين جا مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن. هن چيو ته اسان رڳو ٻوڏ جو مقابلو نه ڪري رهيا آهيون پر متاثرن لاءِ گهر ٺاهي غربت سان به مقابلو ڪري رهيا آهيون. سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي بحالي واري پروگرام بابت ڳالهائيندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل سال ٻوڏ کانپوءِ هو جڏهن به ڪنهن علائقي جو دورو ڪندا هئاسين ته سڀني جي هڪ ئي گذارش هئي ته هن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته 10 مهينن جي مختصر عرصي ۾ مون ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر تعمير ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. عالمي سطح تي انهن گهرن لاءِ فنڊنگ جو بندوبست ڪيو ۽ پروگرام تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو. جنهن موجب اڄ سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي 20 لک گهرن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.


هن نشاندهي ڪندي چيو ته مون کان اڳ هڪ بزرگ وزيراعظم هو. جنهن پنهنجي چونڊ مهم ۾ عوام کي 1 ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو. کيس 4 سال گذري ويا پر هڪ به گهر نه ٺاهيائين. اسان کي ڪجهه مهينا مليا آهن، ۽ اهو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. ڪجھ گھر ٺھي ويا آھن، ٻيا ٺھي رھيا آھن، باقي به ٺهي ويندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي تي ماضي ۾ غير ضروري تنقيد ڪئي وئي ته اها حڪومت ڪرڻ نٿي ڄاڻي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪردار ڪشي سئو سيڪڙو ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اها ڪورونا وائرس جي وبا هجي يا گذريل سال جي ٻوڏ، سنڌ حڪومت ٻين حڪومتن جي ڀيٽ ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. پ پ چيئرمين گهوٽڪي ۾ آءِ بي اي سکر ڪيمپس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي سنڌ جي وڏي وزير تي زور ڀريو ته ان منصوبي کي موجوده صوبائي حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ هن وقت معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري به عروج تي آهي پر اسان سڀ گڏجي جدوجهد ڪنداسين. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد بخش مهر ۽ سردار خالد احمد لنڊ، صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، عبدالباري پتافي، ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ مڪيش ڪمار چاولا، ايم پي ايز، سهيل انور سيال، ضلعي چيئرمين بنگل خان مهر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو