ڪوچ ڦريندڙ بين الصوبائي گروهه جا 3 ڏوهاري گرفتار

ڪنڊيارو(اسد جعفري)  ڪنڊيارو پوليس قومي شاهراهه تان ڪوچ مان ڦر ڪندڙ ٽن جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري مسافرن کان ڦر ٿيل سامان ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي  ايس پي ڪنڊيارو حميد پنهور ايس ايڇ او اختر علي ابڙو  ٻڌايوته 2 هفتا اڳ ڪراچي مان پنجاب طرف ويندڙ مسافر ڪوچ ۾ هٿياربند مسافرن جي صورت ۾ سوار ٿي مسافرن کان ڦر ڪرڻ بعد ڪنڊيارو ويجهو ڪوچ مان لهي فرار ٿي ويا هئا.  ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد فاروق جي خاص هدايتن تي اسپيشل ٽيمون جوڙي انٽليجنس بنياد تي جوابدار کي ٽريس ڪيو ويو، جنهن بعد  ڳڙهي تيغو واسي علي انور ميراڻي، ڪنڌڪوٽ واسي مير محمد ميراڻي ۽ خيرپور واسي انعام الله ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٽي ٽي پسٽل مسافرن کان ڦر ڪيل هزارين روپيه روڪ، اي ٽي ايم ڪارڊ، مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو آهي، هنن ٻڌايو ته گرفتار ڏوهارين جو تعلق بين الصوبائي گروهه سان آهي، جيڪي مختلف صوبن ۾ ڏوهه ڪندا آهن، کانئن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ گرفتاريون عمل ۾ اچي سگهن ٿيون. هنن ٻڌايو ته ڪوچ جي ڊرائيور جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي آل پارٽيزالائنس جي اڳواڻن انور سولنگي، مولانا محمد رمضان خاصخيلي ۽ ٻين پاران ڊي ايس پي عبدالحميد پنهور ۽ ايس ايڇ او اختر ابڙو کي هار پارايا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو