ڪوشش ڪنداسين ته افغانستان دهشتگردن جي پناهه گاهه نه بڻجي: بلنڪن

ڪوشش ڪنداسين ته افغانستان دهشتگردن جي پناهه گاهه نه بڻجي: بلنڪن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته افغانستان دهشتگردن جي پناهه گاهه نه بڻجڻ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.واضح رهي ته آمريڪا برصغير ۾ پابندي مڙهيل تنظيم القاعده ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي 4 اڳواڻن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب برصغير ۾ پابندي مڙهيل القاعده جي سربراهه اسامه محمود ۽ ڊپٽي ليڊر عاطف يحيٰ کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته برصغير ۾ پابندي مڙهيل القائده ۾ ڀرتي ڪندڙ محمد معروف ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي قاري امجد کي به دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته آمريڪا ۾ موجود انهن چئن دهشتگردن جا اثاثا به منجمد ڪيا ويا آهن.قاري امجد خيبرپختونخواهه صوبي ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۽ ويڙهاڪن جو اڳواڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو