ڪورونا ڀارت ۾ ٻه لک کان وڌيڪ زندگيون ڳڙڪائي ويو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي ٻين لهر دوران هن وقت تائين ٻه لک کان وڌيڪ زندگيون موت ۾ تبديل ٿي ويون.ڀارتي صحت جي وزارت موجب اربع جو ڏينهن ڀارت ۾ ڪورونا جي حوالي سان وڏي تباهي فهلائيندڙ رهيو، جتي هڪ ڏينهن دوران دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 3 لک 60 هزار 960  نون ڪيسن جو ريڪارڊ قائم ٿي ويو جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ فوتگين کانپوءِ ٽوٽل انگ 2 لک هڪ هزار 187 تائين وڃي پهتو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي رياست مهاراشٽر ۽ نئين دهلي ۾ ڪورونا جي تباهه ڪارين جي صورتحال سبب صحت جي نظام ۽ شمشان گهاٽن تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي، لاشن جي ڀرمار جي ڪري پارڪنگز کي شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مسلسل چتائون سڙڻ جي ڪري ڪاٺين جي به کوٽ ٿي پئي آهي.ٻئي طرف اربع تي ڀارتي حڪومت پاران 18 سالن کان وڌيڪ عمر جي ٻارن جي ويڪسينيشن لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ٿي وئي آهي، حڪومتي ويب سائيٽ ۽ ايپلي ڪيشن جو سرور ڊائون ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو