ڪورونا جي آڙ ۾ سرڪاري مافيائن جا ٺٺ

تحرير عبدالفتاح عباسي

ڪورونا جي نالي ۾ هاڻي جيڪا معاشي تباهي ٿيڻ پئي وڃي انهي جو ڪو اندازو نٿو ڪري سگهي، رڳو هتي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو معاملو ناهي پر سموري معاشي حالت سامهون نظر مان گذري رهي آهي اها يقينن ڏکائيندڙ آهي. هن ملڪ جا حڪمران جيڪڏهن پنهنجون شاهاڻا خرچ گهٽ ڪندا رهن ته پوءِ هيءُ ملڪ جيڪو زرخيز آهي انهي جو عوام به ٻين ترقي يافته ملڪن جيان  خوشين ڀري زندگي گذاري سگهي ٿو، پر پٽ پيل آهن پنهنجن ڪرپٽ حڪمرانن کي جيڪي ملڪ جو سمورو ناڻو پرڏيهه ۾ اماڻي ملڪ جي ڀينگ ڪري  پوءِ اقتدار کان بعد هاءِ گهوڙا ڪندا ڀڄندا آهن علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه ۾ عيش عشرت ڪرڻ ويندا رهندا آهن . هن ملڪ جو سادو سادو عوام بدقسمتي سان انهن ماڻهن کي بار بار ووٽ ڪندو رهي ٿو جيڪي ڪنهن  به طرح عوام جي حقن، عوام جي مسئلن، عوام جي مشڪلاتن، مصيبتن، تڪليفن م ظاهر ئي نه هوندا آهن جيئن هن وقت  ڪورونا وائرس جي وباءَ جي مسئلي سبب پوري سنڌ ۾ لاڪ ڊائون واري صورتحال سامهون آهي، انهي لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر اهي ماڻهون ٿيا آهن جيڪي روزمرهه ڪمائيندڙ مزدور پورهيت آهن انهن جي گهر جي چلهه ڪيئن هلي انهي لاءِ هن وقت تائين سنڌ جي ڪنهن به ايم اين اي ،  ايم پي اي يا وزير صاحب ڪڏه سوچيو به نه آهي ته هنن ابوجهه سٻاجهڙن ماڻهن جي روزيءَ جو ڪهڙي طرح ذمو کڻي انهن پنهنجن ووٽرن کي راشن ڏجي ته اهي ٻه ويلا ماني کائي سگهن. حالتن جي ستم ظريفي وري اها آهي ته حڪومت م ويٺل وزير، مشير ۽ صلاحڪار هن وقت تائين اها ڳالهه باضابطا طور تي طئي به نه ڪري سگهيا آهن تهن  هنن مارو ماڻهن پورهيتن مزدورن کي ٻه ويلا ماني ڪيئن ڏيڻ گهرجي. رڳو اعلانن مٿان اعلان ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪاميٽين مٿان نيون وري وري ڪاميٽيون جوڙيون وڃن ٿيون پر هن وقت تائين  انهن غريب ماڻهن جي راشن لاءِ عملي طرح ڪا به پلاننگ ترتيب نه ڏيئي سگهجي آهي. جڏهن ته انهي لاڪ ڊائون ۾ فرانس جي عوام لاءِ اها حڪومت سهولت پيدا ڪري ڇڏي آهي ته اتان جي عوام کي بجلي، گيس جا بل معاف ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان  صاحب اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ لاڪ ڊائون دوران بجلي نه ويندي جيڪو لوڊشيڊنگ ڪندو انهي جو ذميوار ايس اي هوندو، پر پنهنجي سنڌ لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهر ۾ سيپڪو انتظاميه لاڪ ڊائون دوران به بجلي جي مامري ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو آهي ۽ انهي ڪري مڇرن جو آزار وڌڌي ويو آهي، هن ملڪ ۾ معاشي بدحالي ڇو نه اڇي جڏهن ڪرپٽ ترين ماڻهن کي بخشيو ويندو ۽ غريب مسڪين ماڻهو تي بلب ٻارڻ ۽ هڪ پکو هلائڻ تي ڏنڊ مقرر ڪري انهي کي بجلي جو چور چيو وڃي باقي جيڪي مشڪرا قانون جي لتاڙ ڪندا رهن ٿا ۽ غريب ماڻهن جو وک وک تي قتل عام ڪندا رهن ٿا انهن جو ڪير احتساب ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي .  هن ملڪ ۾ قانون ته آهي پر انهي تي عمل ٿين جي ضرورت آهي انهي لاءِ معاشي مان بدحالي مان نڪري سگهجي ٿو . جيڪي به موجوده حالتن ۾ ملڪ جو حالو ڀينگ ڪندڙ ڌرون ٽولا ۽ گروهه آهن جي احتساب ڪرن جو وقت اچي ويو آهي باقي ڪنهن ننڍي ملازم جي پگهار مان ڪنهن به موقعي تي ڪٽوتي ڪرن انهن ننڍن ملازمن جي مختصر حلال جي ڪمائي تي ڌاڙو هڻن برابر عمل آهي.هن ملڪ ۾ ارب ۽ کرب پتي واپاري، ڪاروباري، بزنس مين، سياستدان آهن جهڙوڪ بحريا ٽائون جو ملڪ رياض، پي ٽي آءِ جو وزير جهانگير ترين، گجرات جا چوڌري برادران، لاهور جي شريف فيملي، نوابشاهه جي زرداري فيملي ۽ ٻيا اهڙا ڪيترا ڍنگ آهن جيڪي ملڪ ۾ غريب ماڻهن جي مالي سهائتا ڪرن چاهين ته ڪنهن به ننڍي ملازم جي پگهار ڪٽڻ جي ضرورت باقي نٿي رهي پر اهي فيمليون هن ملڪ پاڻ سڀ کان وڌيڪ غريب آهن.خدا تعاليٰ هن ملڪ کي ضرور ڪن هستين جي ڪري هلائي ٿو ۽ خوشحالي ڏيندو پيو اچي، ملڪ ۾ معاشي بدحاليءَ جا اهم سبب بظاهر ڪهڙا به هجن پر سامهون نظر ايندڙ اهي آهن ته هن ملڪ کي بهتر حڪمت عملي ۽ جامع پلاننگ جي اشد ضرورت آهي.هن لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ عالمي سطح جي هڪ سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بيروزگاري ۾ شديد اضافو ٿيندو ۽ اهڙي طرح اڍائي ڪروڙ ماڻهو سڄي دنيا ۾ بيروزگار ٿيندا، جڏهن ايڏو وڏو تعداد بيروزگار ٿيندو ته يقينن انهي سان انهن خاندانن جا ماڻهو  معاشي ذهني پريشاني کي منهن ڏيندا ۽ جڏهن ايترا ماڻهو گهر ۾ روزگار کان بغير اچي ويهندا ته پوءِ سڄي دنيا ۾ هڪ وڌيڪ بنيادي مسئلن جي وهڪري ۾ خال پيدا ٿيڻ لڳندو ۽ ائين انهن جي بيروزگاري سبب بک، افلاس، غربت، مفلسي ۽ تنگدستي وڌڻ لڳندي.جنهن ڪري يا ته ڪرائيم وڌڻ جو انديشو زور وٺندو يا وري منشيات جي واهپي ڏانهن رخ ٿيڻ لڳندو، ماڻهو گهڻي ڀاڳي انهي خوش فهمي ۾ آهن ته هاڻي به ڪورونا وائرس بعد به ساڳئي حالتن ۾ معاشي رفتار ملڪ جي رهندي ۽ ڪرپشن جا نوان رستا ۽ دڳ ٺاهي ماڻهن کي لوٽمار ڪرڻ جي نئين سيريل شروع ڪئي ويندي پر انهن ڪرپٽ ۽ راشي آفيسرن کي شايد ها سڌ ناهي ته هن ڀيري اهي بچا ته نوان ڄميا، هيءُ ڪورونا قدرت طرفان بظاهر هڪ جرائثيم وائرس آهي پر خدا تعاليٰ طرفان هڪ وارننگ به آهي ته آخر عوام جي ملڪ جي مال مٿان ايرتي لوٽمار ڪرڻ رشوت کان بغير ڪو به ڪم ڪار نه ڪرڻ منهنجي مخلوق کي آزارڻ ڇا ، الله پنهنجن ٻانهن جي دانهن ٻڌي انهن جو ازالو نه ڪندو ؟ جيڪڏهن ازالو ڪندو ته پوءِ ضرور معاشي بدحالي جي ذميوارن ڪرپٽ وزيرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن کي عروج کان پوءِ زوال ڏانهن وڃڻو پوندو .الله ته پنهنجي ٻانهي ته ڪڏهن به ڪا ڏکيائي نه آڻيندو آهي اهو ته مهربان شفيق ۽ نهايت ٻاجهارو رب ڪريم آهي. انهي جي بادشاهيءَ ۾ جيڪڏهن پنهنجي بادشاهي ڪري انهن جي بندن مٿان نادر شاهي حڪم آڻيندي عقل ڪل بڻجي ماڻهن جي معاشي بدحالي جو رستو جوڙيندو ته ضرور انهي جو انجام اهو ئي ٿيندو جيڪو انهي کان اڳ ۾ فرعون، نمرود ۽ اهڙن سفاڪانه ڪم ڪندڙن جو ٿيندو رهيو آهي هن ملڪ کي خدا تعاليٰ جي نعمت سمجهندي هن ملڪ مان مال، عزت، شان شوڪت حاصل ڪندڙ ماڻهو وقت ويو ناهي پنهنجي منطقي انجام کان بچڻ لاءِ اڳڀرو ٿي پنهنجي ملڪ کي معاشي بدحاليءَ مان ڪڍڻ لاءِ ترت ۽ فوري طور تي عوام جي مالي پوزيشن جي مدنظر فيصلا ڪندي انهن کي به جيئڻ جو حق ڏنو وڃي نه ته عروج کانپوءِ زوال هڪ فطرتي عمل آهي جيڪو ٿيڻو آهي ۽ اهو ٿيندو. اسانجي سوسائٽي سماج به هڪ عجيب بنيادن تي ٻڌل آهي، اڳ ۾ ته اڪثر ماڻهو اسان مان ڪنهن جي ڀلائي بهتريءَ لاءِ ڪجهه ڪندا ناهيون، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهي سلسلي ۾ ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌندو آهي ته پوءِ اسان جا ماڻهو انهن جي لاءِ اجايا شڪ ۽ بد گماني ڪندا رهندا آهن، معنيٰ ته پنهنجي سماج ۾ جيڪڏهن ڪو نيڪيءَ جي حوالي سان ڪجهه ڪنهن غريب مسڪين جي مدد ڪندو آهي، تڏهن به اها اسانجي ماڻهن ۾ سوچ رهندي آهي ته امير آهي تڏهن ٿو ٻين جي مدد ڪري نه، يا وري چيو ويندو آهي انهي کي سياست چمڪائڻ جو ڏاڍو شوق آهي تڏهن ٿو ٻين جي مدد ڪري نه ته هن کي ڪهڙو لاچار ٿيو آهي، جيڪڏهن ڪو پنهنجي فقيراڻي طبعيت ۽ مزاج مطابق ڪنهن به سٺي ڀلي نيڪ سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيت يا وري ڪنهن سٺي پروفيسر ڊاڪٽر، انجنئير، تعليمدان، اسڪالر وغيرهه تي قلم کڻندو آهي ته پوءِ چيو ويندو آهي ته هيءُ ڪالم نگار رائيٽر ڪهڙي قسم جو  آهي هرهڪ ايشو تي لکي ضرور مال ڪمائيندو هوندوم ماڻهن جا مزاج انهن جي اندر جي عڪاسي ڪندا آهن انهن ماڻهن کي جيڪو اندر ۾ هوندو آهي اها ئي لٻاڙ ۽ بڪواس ڪندا رهندا آهن پر انهن عقل جي ويچارن کي خبر ئي ناهي ته ڪنهن به ايشو سميت معتبر ماڻهوءَ جي بهترين ڪارڪردگيءَ تي جيڪڏهن قلمڪار قلم نه کڻندو  ته باقي اهو ڪنهن  وڏيري، ڀوتار، رئيس ۽ نواب سميت ٻين جي قصيده سرائي ڪندو. انهي ڪري هاڻي جڏهن اسان هن ڪورونا وائرس تي لکنداسين تڏهن به ماڻهن جا اجايا فضول شڪ ۽ گمان رهندا ته هاڻي هن ڪورونا وائرس جي خوف ۽ ڊپ واري فضاءَ دوران ماڻهن کي وري اطمينان ۽ احتياط جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. ڏاهن جو چوڻ آهي ته نانگن جا لڳ ڀڳ ٽي هزار قسم آهن پر 200 قسمن جي نانگن جا ڏنگ انساني جان لاءِ موت جو ڪارڻ بڻجي وڃن ٿا، تحقيق دانن جي ريسرچ مطابق معلوم ٿيو آهي ته نانگ جي ڏنگڻ بعد اڪثر موت زهر سان نه پر نانگ جي خوف ۽ ڊپ سبب ٿين ٿا، پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ به ڪورونا وائرس جي حوالي سان اهڙي ئي صورتحال بڻجندي پئي وڃي، گهڻي قدر ماڻهو انهيءَ دهشت سبب ذهني مريض بڻجندا پيا وڃن، جنهن ڪري پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مطابق ته ماڻهن پنهنجن سرڪاري توڙي پرائيويٽ آفيسن ۾ ويهڻ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر ٻئي ماڻهوءَ کان شڪ جي بنياد تي ماسڪ پائڻ تي انهيءَ کان خوف وارو برتاءُ شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ماڻهن ۾ پيدا ٿيل خوف ڊپ ۽ تشويشناڪ صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ اسان مان هرهڪ کي ڪورونا وائرس بابت ماڻهن کي انهيءَ بابت ايورنيس آگاهي ۽ احتياطي تدابير ڏيڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ انهي سلسلي ۾ مالڪِ ڪائنات رب العالمين جي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد جي مسنون دعائن جو اهتمام ڪندي الله پاڪ جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ باري تعاليٰ جي بارگاهه ۾ نياز نوڙت عاجزي انڪساري جي انداز ۾ پوري انسانيت سميت پنهنجي دوستن، احبابن، مٽن مائٽن جي خير ۽ ڀلائيءَ جي لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي. باقي زندگيءَ ۾ جيڪو داڻو پاڻي لکيل آهي اهو ٿيندو ۽ موت برحق آهي، اسانکي صرف احتياط ۽ احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو. هن وقت ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته چين کانپوءِ هيءَ سڄي دنيا جي اندر وائرس ڦهلجي ويو آهي، چين جي  گاديءَ واري شهر بيجنگ سميت  21 صوبن ۾ هيءُ وائرس تيزيءَ سان ڦهلجي ويو آهي، انهي ڪري انٽر نيشنل ايئر لائنون بيجنگ سميت شنگهائي ۽ ٻين ايئر پورٽ ڏانهن اڏام ڪندڙ بند ڪيون ويون آهن. ڇاڪاڻ ته چين ۾ هزارين ماڻهو انهي وائرس سبب متاثر ٿيا آهن ۽ اهڙي طرح چين جو اربين کربين رپين جو معاشي اقتصادي طور تي نقصان ٿيو آهي، هيءَ وائرس چين جي گاديءَ واري شهر بيجنگ سميت شنگهائي، هيديان، چويانگ، زي چنگ، ڊيڪسنگ، فينگتائي، چانگ پنگ، ٽونگ زاهو، ڊونگ چنگ، شچنگ شان، شواني ۽ مين ٽو ۾ ڪورونا وائرس جا مريص گهنِ تعداد ۾ متاثر ٿيا آهن.سڀ کان وڌيڪ چين جي صوبي هوبيءَ ۾ 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جا ڪيس سامهون آيا آهن.جڏهن ته پنج سئون کان مٿي ماڻهو مري ويا آهن.اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن هڪ هفتي ۾ ٽيون دفعو اجلاس گهرائي انهي سنجيدهه مسئلي کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون آهن. چين مان ٻين ملڪن ڏانهن هن وائرس ڦهلجڻ کي روڪڻ لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي انٽر نيشنل طور تي في الحال ايئر لائنون بند ڪرڻ سميت ٻين اپائن بابت غور ويچار ڪيو ويو آهي، ڪورونا  وائرس آمريڪا، هندستان سميت 54 ملڪن ۾ ڦهلجي چڪو هيو پر وري ٺاپر اچي وئي،  چين کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٿائي لينڊ آهي، جتي هزارين ماڻهو مري چڪا آهن.طبي ماهرين مطابق هن ڪورونا وائرس جو ڪو به علاج ناهي سواءِ احتياط ڪرڻ جي ٻيو ڪو حل ناهي نڪري سگهيو.يونيورسٽي آف هيلٿ سائنس جي وائس چانسلر پروفيسر جاويد اڪرام مطابق ته ڏينهن ۾ 5 وقت وضو ڪرڻ سان ڪورونا وائرس کان بچي سگهجي ٿو، نڇ کان پوءِ وائرس نڪ جي خلين ۾ رهجي وڃي ٿو.چهري تي  به اچي سگهي ٿو تنهن ڪري وضو ڪرڻ سان چهرو به ڌوئجي وڃي ٿو.اهڙي طرح وضو ڪرڻ سان ڪورونا وائرس مان نجات ملي سگهي ٿي، هن جو چوڻ هيو ته هن وائرس ۾ مبتلا شڪ وارن مريضن کي آئسوليشن وارڊ ۾ رکڻ گهرجي.جڏهن ته هن وائرس جي علاج ڳولڻ ۾ هن وقت تائين ترقي يافته ملڪ سڏيو ويندڙ آمريڪا ملڪ به ناڪام ويو آهي، باقي وزارت چين ۽ آمريڪا هيلٿ ڊپارٽمينٽ موذي مرض ڪورونا وائرس جي بچاءَ لاءِ ويڪسين هن وقت تائين تيار نه ڪري سگهيا آهن.انهي سلسلي ۾ آمريڪي تحقيقدانن جو چوڻ آهي ته هن وائرس جي لاءِ ويڪسين دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ سال به لڳي سگهي ٿو. جڏهن ته آمريڪي اداري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ اينڊ بائيو ميڊيڪل ايجنسي جا ماهر ڪورونا وائرس جي لاءِ موثر ويڪسين جي تياري ۾ مصروف آهن ۽ اهي چيني ماهرن سميت ٻين ملڪن جي ايڪسپرٽ ماهرن سان گڏ رابطي ۾ آهن پر هن وقت تائين انهن کي ڪا به ڪاميابي نه ملي سگهي آهي، ماهرن مطابق هن وائرس کي روڪڻ لاءِ ڪا به دوا نه ايجاد نه ٿي سگهي آهي رڳو وارڊ ۾ رکڻ لاءِ زور ڀريو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته پنهنجا هٿ، نڪ ۽ منهن ڌوئيندا رهو ۽ چهري تي ماسڪ استعمال ڪيو وڃي، جيئن هيءُ وائرس ٻين تائين نه ڦهلجي سگهي ۽ اهڙي طرح وڌيڪ ماڻهو متاثر نه ٿين، حڪومتي حلقن جو انهي سلسلي ۾ چوڻ آهي ته وائرس کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.ڪورونا وائرس بابت خوف ۽ ڊپ واري صورتحال ۽ ماحول پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته گورن جڏهن ناجائز تعلقات کي جائز قرار ڏنو ته انهيءَ نتيجي ۾ ايڊز سامهون آئي. جڏهن چيني ماڻهن ڪوئن، نانگن ۽ سورن جهڙن حرام جانورن کي حلال طور کائڻ شروع ڪيو ته پوءِ ڪورونا وائرس جو نتيجو سامهون آيو ۽ هاڻي مسلمانن جيڪڏهن پنهنجي محسن رهبرِ ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله تعاليٰ عليه وآله وسلم جي تعليمات جو ۽ پاڪ دين جو ڪو لحاظ نه ڪيو ويو ۽ پنهنجي شراب خوري، زناڪاري ۽ حرام مال کائڻ ۽ ڪمائڻ ۾ پنهنجا ڌنڌا لڳايا ويا ته پوءِ ڪو به قهرِ خداوندي کان محفوظ نٿو بڻجي سگهي. پنهنجي اندر مان خوف واري فضا ختم ڪري الهه جي ياد ۾ رهڻ گهرجي جڏهن الله پاڪ ستر کان وڌيڪ مائرن کان پنهنجي ٻانهي بندي سان پيار، محبت ۽ شفقت ڪري ٿو اهو ائين اسانکي نڌڻڪو ڪري ماريندو ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي. الله جي ٻاجهه ڪرم نوزاي جيستائين اسان سان شامل حال آهي اسان کي ڪو به وائرس حملو نٿو ڪري سگهي باقي علاج ۽ احتياط سنت مبارڪه آهي جيڪو ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ائين تعليمي ادارا ۽ سرڪاري آفيسون ڪاروبار بند ڪيو ويو ته پوءِ وري هن ملڪ ۾ ترهيو کهيو سرمايو معاشي بد کان بدتر ٿي ويندي انهي لاءِ فوري طور تي ڪاروبار جي معاملي ۽ تعليم کي ڊسٽرب متاثر ڪرڻ جي مامري ۾ حڪومت کي سوچڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو