ڪنڌ ڪوٽ ۾ ايڊز وائرس جا 3 وڌيڪ ڪيس سامهون اچي ويا

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) تعلقہ اسپتال ۾ پروفیسرڊاڪٽرمنصوراحمد مگسي پاران پنھجي مدد پاڻ هيٺ ايڊز وائرس جي ٽيسٽ لا۽ ڪيمپ قائم ڪئي آهي. ڪيمپ ۾ سومر تي 150 ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان 3 ڪيس پازيٽو نڪتا. ڊاڪٽرمنصورمگسي ٻڌايو ته ضلع انتظاميه يا صحت کاتي پاران اڃان سوڌو ڪي به اپاءَ نه ورتاويا آهن ۽ مان پنھنجي وس آڌار ٽيسٽون ڪري رھيو آھيان. ھن ٻڌايو ته ڪنڌڪوٽ سميت پوري ضلع ڪشموراندر ايڇ آئي وي وائرس جا مريض موجود آھن، جڏھن ھڪ ئي گھرجي ٽن ڀاتين ۾ وائرس جي موجودگي شڪ پيدا ٿي ڪري ته علائقي جي ٻين ماڻهن ۾ به اها وائرس موجود ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سان گڏ ضلع انتظاميه کي سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي ۽ فوري طوراپاء وٺڻ گھرجن. ياد رھي ته ڪشمورضلع اندر ايڊز وائرس جي مريضن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو