ڪميشن ۾ نتيجا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن: سيف

پشاور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف اليڪشن ڪميشن تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته اي خدا هن ملڪ جو ڪجهه قانون رکي.هنن چيو ته پي ٽي آءِ کٽيل سيٽون کسي ورتيون آهن، فارم 45 جو نتيجو فارم 47 ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي آفيسن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو