اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ وڏي پيماني تي ڪفايت شعاري قدم لاڳو ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ انهي حوالي سان باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب اهي قدم وزيراعظم شهباز شريف جي ڪفايت شعاري مهم جي تحت کنيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب ڪفايت شعاري مهم جي تحت 70 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبرن جون 2 مهينن جون پگهارو ۽ الائونسز ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي. انهي کان علاوه پارلياماني وفد جي پرڏيهي ملڪن جي دورن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گريڊ 10 ۽ انهي کان مٿي جي آفيسرن يا اهي آفيسر جن جي ماهوار پگهار 3 لک روپيه يا انهي کان وڌيڪ آهي انهن جي 2 ڏينهن جي پگهار قومي نا۾ي ۾ جمع ڪرائي وڃي. سيڪريٽريٽ ۾ سموريون خريداريون فوري طور تي بند ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ضروري روزمره جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ محدود خريداري جي اجازت ڏني وئي آهي.قومي اسيمبلي ۽ ڪميٽين جا اجلاس سج لهڻ کان پهريان شيڊول ڪيا ويندا. جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ 90 سيڪڙو عملو گهر مان ورچوئل ڊيوٽي سرانجام ڏيندو. ڪفايت شعاري کي يقيني بنائڻ جي لاءِ گهر مان ڪم ڪندڙ 80 سيڪڙو ملازمن کي اضافي الائونس به نه ڏنا ويندا.اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس ورچوئل يا آن لائن طريقي سان منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ ڇنڇر تي 4 ورڪنگ ڊي هوندا. ڪفايت شعاري پاليسي جي تحت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاسن کي محدود رکڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته بجلي جي استعمال ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ غير ضروري لائسنس ۽ برقي اوزار بند رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آحي.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڪيفي ٽيرياز جي يوٽيليٽي بلز ۾ به 70 سيڪڙو بچت جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته روايتي خرچن ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پيپر ليس ورڪنگ اپنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










