ڪشميرين سان آزادي تائين گڏ آهيون،ڪا سوديبازي ناهي ٿي،آصف غفور

راولپنڊي (ڊيسڪ نيوز) ڪشمير تي ڪا به سوديبازي ناهي ٿي، ڪشميرين سان آزادي واري جدوجهد ۾ گڏ آهيون، ڪشمير اسانجي شهه رڳ آهي ان جي حفاظت لاءِ هر قدم کڻنداسين. اهڙو اظهار فوج جي تعلقات عامه جي شعبي جي سربراهه ميجر جنرل آصف غفور پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ نئين جنگ جو ٻج ڇٽي رهيو آهي، پاڪ فوج هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڪشمير تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي ناهي ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪُشي ٿي رهي آهي، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، اُهو نئين جنگ جو ٻِج ڇَٽي رهيو آهي. تڪليفن باوجود ڪوشش ڪئي آهي ته ڪشمير مسئلي جو پُرامن حل نڪري، ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڀارت جي اپويشن ليڊر کي به ڪشمير وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي. ڀارت چاهي ٿو ته والاريل ڪشمير جي ڊيموگرافي ائين تبديل ڪئي وڃي جو اُتي مسلمانن جو رهڻ ڏکيو ٿي وڃي. هن چيو ته دنيا جا مفاد هن خطي ۾ پاڪستان کي نظرانداز ڪري پورا نٿا ٿي سگهن، ڀارت وڏي آبادي وارو ملڪ ضرور آهي پر ان جو حڪمران هٽلر جو پوڄاري آهي. والاريل ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهراءُ ۾ موجود آهي. پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر والاريل ڪشمير جي ڪشميرين کي پيغام ڏنو ته اسان توهان سان گڏ بيٺل هئاسين ۽ آهيون، ڪشميرين جي موجوده ڏکيائين جو احساس آهي، پاڪ فوج ڪنهن به صورتحال لاءِ تيار آهي، ڪشمير اسان کي جان کان وڌيڪ ويجهو آهي ۽ اهو ڪيئن ٿو سگهي ٿو ته ڪشمير مسئلي تي مصحلت کان ڪم ورتو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارتي ميڊيا ڳالهيون ائين ڪندي آهي جو ڄڻ ته اسان سان گڏ ويٺي هجي. سڀني کي خبر آهي ته ٽرمپ سڌو ۽ منهن تي ڳالهائڻ وارو ماڻهو آهي. ڪشمير تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿي آهي. 72 سالن کان ڪشمير ڪاز تان نه هٽيا آهيون ته هاڻي ڪيئن هٽي سگهون ٿا. پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن سوڌو ٻيون اقليتون انتهاپسند سوچ جو شڪار آهن، پاڪستان خلوص سان ڳالهين جي آڇ ڪئي پر ڀارت جواب ۾ جهاز ڏنا، پوءِ ڀارتي جهازن جو جيڪو حال ٿيو، اُهو سڀني ڏٺو. جنگيون هٿيارن ۽ معيشت سان نه وڙهيون وينديون آهن، 2 ائٽمي قوتن ۾ جنگ جي گنجائش نه هوندي آهي. هن چيو ته افغانستان اسانجو پاڙيسري ملڪ آهي جتي40 سالن کان جنگ هلي پئي ۽ افغانين لاشن، تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏٺو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها خبر من گهڙت آهي ته آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ سبب 125 جرنيلن جون ترقيون رڪجي ويون آهن، اه يو ٽيوب جي خبر آهي. هن اسرائيل سان تعلقات بابت خبرن کي به من گهڙت قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ ڪا صداقت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو