ڪشمور (ن س )ڪشمور ۾ ڌاڙيلن ايس ايڇ او کي ٻن اهلڪارن سميت اغوا ڪري ورتو.سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن گل محمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٻن اهلڪارن کي اغوا ڪري ورتو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار اغوا ٿيل ٻارڙي جي بازيابي لاءِ اوٻاوڙي واري علائقي ۾ ويا هئا.ڪشمور مان 3 مهينن دوران 4 ٻارن ۽ هڪ عورت سميت 43 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي.
