ڪرڪ (ويب ڊيسڪ)ڪرڪ ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي هاسٽل مان هڪ نرس جو لاش هٿ آيو آهي.اسپتال جي ايم ايس موجب، نرس اسپتال مان ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ هاسٽل وئي هئي، ۽ سندس لاش هاسٽل مان ئي هٿ آيو.پوليس ذريعن موجب، لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نرس جي موت جو آخري سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي معلوم ٿيندو.










