ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پاران قوم کي عيد مبارڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم عيد الاضحيٰ جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.بابر اعظم چيو ته مان ۽ منهنجي ٽيم جي طرفان توهان سڀني کي عيد جون مبارڪون هجن، انجو مزو وٺو، پنهنجي آس پاس جي ماڻهن جو خيال رکو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ دي ريئل پي سي بي جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ بابر اعظم ماڻهن کي قرباني سان پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته هو صفائي جو خاص خيال رکندا.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم به حج ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي والده سان گڏ تصوير شيئر ڪئي.پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي بابر اعظم پنهنجي ماءُ سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو مسڪرائيندي نظر اچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو