ڪراچي ۾ پيءُ ٻن نياڻين جا ڳلا ڪپي ڇڏيا

ڪراچي ۾ پيءُ ٻن نياڻين جا ڳلا ڪپي ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ڪوثر نيازي ڪالوني ۾ هڪ پيءُ ٻن ڇوڪرين جا ڳلا ڪپي ڇڏيا، پوليس موجب جوابدار اڪبر پٽ عبدالستار کي گرفتار ڪيو ويو ۽ قتل جو هٿيار هٿ ڪيو ويو، شروعاتي جاچ موجب، جوابدار سخت مالي دٻاءُ ۽ قرض ۾ ٻڏل هو، جوابدار تي مختلف ڪميٽين جا واجبات هئا، جيڪي هو بيروزگاري سبب ادا نه ڪري سگهيو، مقتول زينب ۽ عاليا 10 ۽ 11 سالن جون هيون. گرفتار جوابدار جون 5 ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي، حيدري مارڪيٽ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او عديل احمد، عباسي شهيد اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جي اطلاع صبح 7 وڳي کان پوءِ ڏني وئي. هو موقعي تي پهتو ۽ جوابدار کي قتل جي هٿيار سميت گرفتار ڪيو. اهي جاچ ڪري رهيا آهن،هن چيو ته جوابدار جو چوڻ آهي ته هن ٻنهي ڇوڪرين کي قتل ڪيو ڇاڪاڻ ته هو بيروزگاري کان تنگ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو