ڪراچي ۾ ٽيون ٻار ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت، عطائي ڊاڪٽر گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نشوا ۽ حنين کانپوءِ ڪراچي ۾ ٽيون ٻار ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. گُلشن اقبال 13 ڊي ۾ ٻارڙي صبا کي نمونيا سبب والد ڪلينڪ تي وٺي ويو، جتي پاڻ کي ڊاڪٽر سڏائيندڙ شخص ٻارڙي کي انجيڪشن لڳائي ته اُن کان جلد پوءِ هوءَ فوت ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڇاپو هڻي ڪلينڪ جي عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جناح اسپتال جي ليڊي ايم ايل او ڊاڪٽر ذڪيا ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ ڪيميڪل ايگزامنر جي رپورٽ جو انتظار آهي.  پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جو لاش رات کان جناح اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيل آهي. پوليس موجب ٻارڙي جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو، جنهن ڊاڪٽر ٻارڙي صبا کي انجيڪشن لڳائي، ان کي ته ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جو به پتو ناهي. فوت ٿيل ٻارڙي صبا جي والد ظفر اقبال جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي نمونيا جي تڪليف سبب ڪلينڪ تي وٺي آيو، جتي ڊاڪٽر طرفان انجيڪشن لڳائڻ کانپوءِ سندس وات مان جهڳ نڪري رهي هئي. ڊاڪٽر ٿوري دير کانپوءِ چيو ته کيس ٻي اسپتال وٺي وڃو ۽ جڏهن مصطفيٰ ميڊيڪل سينٽر وياسين ته هنن چيو ته ٻارڙي فوت ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو