لاڙڪاڻي واسي ڊاڪٽر هٿان پسند جو پرڻو ڪندڙ  جوڙو قتل

لاڙڪاڻي واسي ڊاڪٽر هٿان پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ صبح سوير فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. سچل ٿاني جي حد ۾ ابوالحسن اصفهاني روڊ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري مارجي ويا. پوليس موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل ڇوڪريءَ جي سڃاڻپ لاريب ۽ ڇوڪرو احسن طور ٿي آهي. احسن ۽ لاريب هڪٻئي کي چاهيندا هئا ۽ شادي ڪرن پئي چاهي. آهسن ويگو گاڏي م ڇوڪري جي گهر ملڻ ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته قتل کانپوءِ ڇوڪري جي ڀاءُ ۽ پيءُ کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار موجب ڇوڪرو ۽ ڇوڪري کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو.ايس پي موجب ڪيس ۾ گرفتار پيءُ ۽ پٽ جي سڃاڻپ لاڙڪاڻي واسي رفيق شيخ ۽ عبدالله شيخ جي نالن سان ٿي آهي. ٻئي طرف پاڪ ڪالوني بڊا بورڊ نوراني مسجد ڀرسان به فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، پر زخمي شخص جي سڃاڻپ آصف طور ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو