ڪراچي: گهر ۾ دڙڪن  تان 24 سالن جي نوجوان پاران آپگهات

ڪراچي: گهر ۾ دڙڪن تان 24 سالن جي نوجوان پاران آپگهات

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گهر ۾ دڙڪن تان 24 سالن جي نوجوان پاڻ کي گولي هڻي آپگهات (خودڪشي) ڪري ڇڏي. شروعاتي طور تي ريسڪيو ذريعن ٻڌايو هو ته پي آئي بي ڪالوني ۾ نور آٽا چڪي جي ويجهو گولي لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوت ٿيل جي سڃاڻپ 24 سالن جي اويس جي نالي سان ٿي آهي.پوءِ پوليس ٻڌايو ته شروعاتي تحقيقات ۾ اهو واقعو خودڪشي معلوم ٿئي ٿو، فوت ٿيل نوجوان ويجهي پرچون جي دڪان تي ملازمت ڪندو هو، گهر وارن جي بيان موجب نوجوان کي گهر ۾ دڙڪا ڏنا ويا هئا.پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڪنهن ڳالهه جو دل تي اثر وٺڻ کانپوءِ نوجوان ڇت تي ويو ۽ آپگهات ڪري ڇڏي، واقعي جي مختلف رخن کان تحقيقات جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو