ڪراچي جو پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو ،مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته بلاول ڀٽو پاڻي جي مسئلي تي پنجاب کان نارا ض آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر ڪراچي جو پاڻي چوري ڪري انهن کي کپايو ٿو وڃي، ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته پاڪستان کي 70 سيڪڙو روينيو ڪراچي ڪمائي ٿو ڏي، ڪراچي ۾ ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جو نئون سسٽم ناهي آيو، سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته 36370 ملين گيلن پاڻي ارسا طرفان سنڌ کي ملي ٿو، جنهن مان صرف 540 ملين گيلن پاڻي ڪراچي کي ملي ٿو، جتي سنڌ جو 50 سيڪڙو آبادي رهي ٿي ان ماڻهن کي صرف ڏيڍ سيڪڙو پاڻي جو حصو ڏنو پيو وڃي، هن چيو آهي ته هتان اربين روپيا رشوت عيوض شهرين کان ورتو پيو وڃي، ٻاهر جي ماڻهن کي هتي آڻي رشوت جو بازار گرم ڪيو ويو آهي، جڏهن آواز اٿارين ٿا ته انهن کي دهشتگرد بڻايو ويندو، هن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي نااهلي عروج تي آهي، ايم ڪيو ايم جي ڪرپشن به عروج تي آهي، هتي چور به به شور مچائي رهيو آهي ۽ ملڪ بنا ليڊر جي هلي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو