ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪي پي ٽي گرائونڊ ويجهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر ۾ ڀاڄ پئجي وئي.ڀاڄ جي نتيجي ۾ 20 عورتون زخمي ٿي پيون. زخمي عورتن کي ڪڍڻ لاءِ ڪيتريون ئي ايمبولينسون موڪليون ويون، جن ذريعي زخمي عورتن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو ذريعن موجب زخمي عورت جي حالت نازڪ آهي. مقامي پوليس موجب ڪي پي ٽي اسڪول ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ٻاهران عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ موجود هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جڏهن اسڪول جو دروازو کوليو ويو ته اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڀاڄ پئجي وئي.متاثر عورت چيو آهي ته اسان کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم ڏيڻ لاءِ سڏيو ويو.ايس پي بلديا ٽائون مغيز هاشمي موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڀاڄ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ 20 عورتن کي ڪراچي جي سول اسپتال پهچايو ويو آهي.هن چيو ته 16 عورتون زخمي ۽ بيهوش ٿي ويون، جڏهن ته 4 عورتون به زخمي عورتن سان گڏ طبي امداد لاءِ اسپتال پهتيون.ايس پي بلديا ٽائون جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ جاءِ نه هجڻ سبب ماڻهن کي وقفي وقفي سان موڪليو پيو وڃي، جڏهن دروازو کوليو ويو ته ڀاڄ پئجي وئي، دروازي تي ماڻهن جو انگ تمام گهڻو هو.هن اهو به چيو ته اسڪول جو دروازو کولڻ تي عورتون ڪري پئي، جڏهن ته گرمي سبب ڪيتريون ئي عورتون بيهوش ٿي ويون.
