ڪاڇي ۾ جوا جي مرض نسل تباه ڪري ڇڏيا

ڊرگھ بالا ) رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ (ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ جوا جي مرض ويڙھا ۽ نسل تباه ڪري ڇڏيا. ڊرگھ بالا هيروخان حاجي خان مريد ديرو ۽ ٻين شهرن ۾ ھلندڙ جوا وڏن ماڻھن کان معصوم ٻارن تائين پهچي وئي پوليس اک نه پٽي ٿاڻن ۽ پوليس عملدارن جي اڳيان ڏينهن ڏٺي لکين رپين جي جوا کيڏي وڃي ٿي ڪيترن ئي شهرن ۾ جوارين جوا راند ۾ نياڻيون عيوضي طور وڪڻي ڇڏيون ماڻھن جا گهر اجڙي ايس ايس پي سطح تائين جوڙيل ڪاميٽين ڪو ٻوٽو نه ٻاريو پوليس جي هيٺئين عملي جي ملوث ھُئڻ جا انڪشاف ايس ايس پي دادو جا حڪم ناما آفيسن تائين محدود  خبر موجب ڪاڇي ۾ جوا جي مرض نسل, گهر ۽ ويڙها اجاڙي ڇڏيا ملڪيتون گهر کپائيندڙ جوارين نياڻيون وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيون وڏن کان پوء معصوم ٻار هن ومرض ۾ وڪوڙجي ويا, پئسن جي اڻھوند سبب برن ڪمن ۾ مصروف, پوليس ٿاڻن ۽ ايس ايس پي سطح تائين پهتل شڪايتن جو ڪوبه ازالو نٿي سگهيو, معصوم ٻارن جي تعليم تباه پوليس جو عملو پئسا ملڻ تي خاموش ٿاڻن ۽ پوليس عملدارن جي اڳيان ڏينهن ڏٺي سرعام جوا ٿيڻ لڳي لکين رپين جي شرط هارائڻ کانپوء وياج جي ڪاروبارين جا جاوا جواري وياج وٺي به جوا کيڏڻ لڳا, معصوم ٻارن جي والدين ۾ ڳڻتي ڦھليل ايس ايس پي سطح تائين جوڙيل ڪاميٽين ڪو ٻوٽو به نه ٻاريو شهر سماجي برائين جي ور چڙھيل هئڻ ڪري چوري ۽ ٻين وارداتن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي علائقي واسين پاران آء جي سنڌ کان نوٽس جو مطالبو ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو