ميرپور ماٿيلو(ن س) گهوٽڪي جي ايڊيشنل سيشن جج ٽو، مسٽر سميع الله قريشي جي عدالت ڪارنهن الزام ۾ ويڳي ڀين کي قتل ڪندڙ اربيلو عرف ارباب پٽ محمد عظيم کي عمر قيد جي سزا ڏيندي مٿس 10 لک روپيا ڏنڊ وڌو آهي. جوابدار جيڪڏهن ڏنڊ جي رقم ادا ڪري ته اها فوتي فاطما جي وارثن ۾ قانون موجب ورهائي وڃي ۽ جيڪڏهن رقم ادا نه ڪري ته سخت پورهئي سان 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. وستي جيوڻ شاهه ٿاني جي حد ۾ پهرين سيپٽمبر 2021 تي قتل جو واقعو پيش آيو هو. فاطما جي عمر 19/20 سال ٻڌائي وئي هئي جنهن کي عبدالمجيد ڪوش سان ڪارو قرار ڏنو ويو هو.
