کنڊ جو واپاري 4 لک سميت اغوا، وارثن جو احتجاج

نوشهرو فيروز  (رپورٽ اسد علي عمراڻي )الله واري چوڪ کان گهر ويندي کنڊ جو واپاري  ميوو خان کوکر4  لک سميت اغوا ٿي ويو. مغوي جي پٽن امتياز کوکر، امداد علي کوکر ڀاءُ  غلام مصطفيٰ ۽ دوڪاندار ايسوسيئشن جي عهديدارن ۾ جنرل سيڪريٽري اڪبر چانڊيو، منٺار مگسي، حاجي يار محمد راڄپر، وزير وڳڻ، مير مشتاق ٽالپر، حاجي ارباب سومرو پريس ڪانفرس ڪندي ٻڌايو ته شهر ۾ لاءَ قانونيت وڌي وئي آهي ۽ بدامني سبب سڄو ضلعو ڏوهن ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ڦرون ڌاڙا اغوا جون وارداتون عام ٿي رهيون آهن پوليس جو ڪردار ڪٿي به نظر نٿو اچي، ميوو کوکر کي اغوا ٿيندي 12 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر پوليس هٿ تي هٿ رکي ويٺي آهي. هنن جو چوڻ هو ته اگر ايس ايس پي اغوا ٿيل کي بازياب نه ڪرايو ته اسان سڄو شهر بند ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو