کاڌي پيتي جي شين جا اگهه چوٽ تي، عوام آزار ۾

پيرجوڳوٺ (صفي اللہ منڱڻيجو) وفاقي حڪومت پاران واڌو ٽيڪس لڳائڻ جو سبب ڄاڻائي دڪاندارن هٿرادو اگهن سبب سبزي، مڇي، گوشت، مرغي سميت سمورين کاڌي پيتي جي شين جا اگھ آسمان سان لڳائي ڇڏيا آھن. شھر جي دڪاندارن توڙي سبزي فروشن پنهنجا هٿرادو اگھ مقرر ڪري غريب ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ ۽ ڦرڻ  لڳا آهن جڏهن ته پرائز ڪنٽرول ۽ مارڪيٽ کاتي جا عملدار حصو پتي وٺڻ کانپوءِ دڪاندارن، سبزي ۽ فروٽ فروش سان ملي ڀڳت ڪري انهن  جي مرضي موجب اگھن جون لسٽون جاري ڪري عوام کي ڦرڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو جنهن جي ڪري دڪاندار هڪ هٺي قائم ڪري ٻيڻي اگهن تي کاڌي پيتي جون شيون مهانگي اگهن تي وڪرو ڪرڻ لڳا آهن.

ٽماٽا 140بصر 80 ميها 80 انگريزي گوار 80 سنڌي گوار 100 پٽاٽا 40 گوبي 100 ڳاڙھي گجر 100 واڱڻ 80 روپيا، سائو مرچ 350 پالڪ 60 ول توري 60 بِھ 100 ڌاڻا ساوا 200مرغي290 مڇي 500 روپيا  في ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي. هتان جي شهرين اعجاز علي، نياز حسين، عبيدالله ڌاريجو، عطا محمد گهمرو گهر ڪئي آهي ته مهانگائي تي فوري طور ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو