ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڦٽي جي هارين کي سرڪاري اگهه نه ڏيڻ وارين ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ زراعت کاتي جو صلاحڪار منظور وساڻ جي هدايت تي هارين کي سرڪاري اگهه نه ڏيڻ وارين 10 کان وڌيڪ ڪاٽن فيڪٽريون ۽ دڪانيون سيل ڪيون ويون آهن جڏهن ته فيڪٽري مالڪن تي 1 لک کان وڌيڪ ڏنڊ ۽ 20 کي وارننگ ڏني وئي. زراعت کاتي سنڌ جي ترجمان جي مطابق هارين کي ڪپهه جي سرڪاري اگهه نه ڏيڻ تي عدالت ڪپڙن جي ڊيلرن جي گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪيا آهن ۽ ڪاروائيون حيدرآباد، ڄامشورو، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيون ويون، ڊائريڪٽر جنرل زراعت ايڪسٽينشن ونگ حيدرآباد جي آفيس ۾ شڪايتي سيل پڻ قائم ڪيو ويو جتي هارين کي پنهنجي شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا.
