ڏوهن تي ضابطو نه آيو،29 مقامي پوليس اهلڪار بدلي

ڳڙھي ياسين (ن س)امن امان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي شڪارپو ڊاڪٽر محمد رضوان جي حڪم تي ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي هڪ اي ايس آءِ ،  6 جمعدارن سميت 29 اهلڪارن کي بدلي ڪري ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مقرر ڪري ڇڏيو جڏھن ته ضلعي جي ٻين ٿاڻن تان پوليس اھلڪارن کي ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي آمد ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آھي ان حوالي سان ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين غلام حسين ڀٽو سنڌ يار سان ڳالهائيندين چيو ته  ڪيترن ئي سالن کان ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪرڻ ۽ مقامي پوليس اھلڪار ھجڻ ڪري ڏوھن توڙي ڏوھارين تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مسئلا پيش اچي رھيا ھئا جنھن ڪري ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد رضوان شڪارپور اھلڪارن کي ضلعي جي ٻين ٿاڻن تي بدلين ڪرحڪم جاري ڪيا آھن ھن چيو ته اھلڪارن جي بدلي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي ڪوئي به پوليس اھلڪار ڏوھارين جي رابطي ۾ ھجڻ جي الزام ۾ بدلي ناھي ٿيو ايس ايس پي شڪارپور جي پاليسي آھي ته مقامي پوليس اھلڪار مقامي ٿاڻن تي ڊيوٽي نه ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو