ڍڳو ۽ سنگت

مهر فقير
ڪو وقت هوندو هيو , ڪو وقت وري ڪهڙو , ڪو وقت اهو ته جڏهن ننڍڙا هوندا هئاسين ۽ سماج ۾ ٿيندڙ حرامپاين ۽ حلالپياين جي سڌ نه هوندي هئي , انهيء دور ۾ سليٽ ۽ پٽي کڻي اسڪول ويندا هئاسين , اسڪول منجهان ملندڙ سبق ياد ڪري پٽي ميٽي پوء باقي وقت راند روند ۾ گذاري ڇڌيندا هئاسون , هاء هاء اهو به ڪو وقت هيو پر افسوس جو گذري ويل وقت نه موٽيو نه ئي وري موٽندو , تڏهن استاد چوندا هئا ته فلاڻو ٽيرو مٽيرو موڳو مٽر ڍڳي جو ڍڳو آهي سو اهو ڍڳو وري ڇا پڙهندو .
پٽيء جي موڪلاڻيء بعد ڪتاب کنيونسين ۽ اهو ڪتاب به غربت جي ڪري وڏڙا مشڪل سان وٺي ڏيندا هئا سو جي ڪتاب ڦاٽي پوندو هيو ته امڙ سُئي سڳي سان سبي ڏيندي هئي ته جيئن پاڙهو پٽ پڙهي ڪري وڏو ماڻهو بڻجي ۽ والدين جو نالو روشن ڪري ها هر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته هنن جو اولاد مڇي ماني لائق بڻجي سٺي زندگي گهاري ۽ ڪنهنجو محتاج نه ٿي .
اسان جيڪي ڪتاب پڙهيا سي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جا شايع ٿيل هوندا هئا ۽ ڏاڍا سستا هوندا هئا هاڻي ته انهن سرڪاري ڪتابن جي قيمت ڏسي ۽ ٻڌي ڪري خريد ڪرڻ کان ارواح ائين کڄيو ٿو وڃي جيئن سنڌي قوم جو ارواح کوکلا نعرا ٻڌي ڪري کڄي ويو آهي يا جيئن جديد شاعرن جي جديد ۽ واهيات شاعري پڙهي ڪري شاعريء تان روح کڄي ويندو آهي سو انهن درسي ڪتابن تي ادبي بورڊ وارن طرفان لوگو يا مُهر به نمايان نظر ايندي هئي جنهن منجهان خبر پوندي هئي ته اهو ڪتاب ادبي بورڊ وارن جو شايع ڪرايل آهي چون ٿا ته اهو ڍڳو سنڌ جي سڃاڻپ آهي جهڙي طرح سمبارا ۽ ڪنگ بريسٽ مئن جي دڙي جي سڃاڻپ آهن .
اسان جي سنڌ ۾ شادين مرادين تي مايون دهل جي ٿاڦ تي مختلف سهرا ۽ لوڪ گيت به ڳائينديون آهن جيڪي نهايت ئي مٺڙي آواز سان بغير ڪنهن ساز جي سچ ته من کي موهي وجهندا آهن ۽ انهن ۾ صدين جي تاريخ ۽ تهذيب سمايل هوندي آهي جيڪي معاشري جي سٺي عڪاسي پڻ ڪندا آهن جهڙوڪ جهڙي اڇي منڊم تهڙي پائلي , منهنجي کير پيئڻ وارو لوٽو , ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيء ۾ , منهنجو کٽي آيو خير سان هو جمالو ۽ اهي اهڙا ۽ ٻيا انيڪ لاڏا يا گيت سنڌ ۾ علائقائي حساب سان ڳاتا ۽ سڃاتا ويندا آهن , انهن ۾ هڪ اهو به جهر جهنگ مشهور گيت يا سهرو يا لاڏو آهي ته ڍڳي جو ملھ هزار ڍڳو هر نه هلي ڍڳو پير پيران سو اهو ڍڳي وارو گيت جنهن به لکيو تنهن لازمي آهي ته ڍڳي جي افعالن کي نظر ۾ رکندي ئي لکيو هوندو نت باقي سنڌ ۾ شوقينن وٽ اهڙا به ڍڳا موجود آهن جيڪي ڪار کان به تيز هوندا آهن .
هاڻوڪو دور جديد مشينري جو دور آهي هر کان ويندي ڳاه تائين جو سڀ ڪم مشينن وسيلي ڪيو پيو وڃي , ڪو وقت هوندو هيو جڏهن وڏڙا اسر ويل ڏاند يا ڍڳا ڪاهي وڃي زمين کيڙيندا هيا , فصل جي ڍوئي به بيل گاڏين تي ٿيندي هئي , سارين , ڪڻڪ , مٽرن , چڻن وغيره جو ڳاه به ڏاندن وسيلي ٿيندو هيو پر زماني اهڙو ته ڦيرو کاڌو جو الائي ڪاڏي ويون گاڏيون الائي ڪاڏي ويا ڏاند , ها پر شوق خاطر شوقينن وٽ اهي شيون اڄ به موجود آهن نت باقي جتي ڪٿي گڏه گاڏو عام جام پيو هلي ڇو ته ڍڳن جي نسبت گڏه پنڌ جو تڪڙو آهي باقي جي اوهان کي ڍڳي گاڏي جو ديدار ڪرڻو هجي ته پوء اوهان کي مئن جي دڙي جو سير ڪرڻو پوندو جتي اڄ به ڍڳي گاڏي موجود آهي .
ڪجھ ڏينهن کان وٺي فيسبوڪ تي احتجاجي پوسٽن جي ڀرمار لڳي پئي آهي ۽ اها ڀرمار خاص ڪري ادبي سنگت جي طرفان آهي ڇو ته عام ماڻهو ته ويچارو پيٽ گذر تائين پورو آهي ۽ ان لاء وتي ٿو امداد جي پويان ڊوڙندو ۽ عام ماڻهو اولاد کي تعليم ڏيڻ جهڙو به ناهي رهيو ان ڪري جو درسي ڪتابن جي قيمت به ڳاٽو ٿي ڀڃي سو ان کي ڪهڙي خبر به ته اهي درسي ڪتاب ڇا ٿيندا آهن , انهن تي لوگو يا مهر جي ڪهڙي تاريخي حيثيت آهي , پر جي لوگو تبديل به ٿيو آهي ته ڪهڙي قيامت برپا ٿي آهي جو ادبي سنگت وارا بحال ڪيو بحال ڪيو رينگٽ لايو ويٺا آهن آخر ڇا آهي ان ڍڳي منجھ .
انگريزن جڏهن دڙي جي کوٽائي ڪئي ته اتان خاص ڪري ڪنگ بريسٽ جنهن کي اجرڪ ويڙهيل آهي , ناچڻي جو مجسمو جنهن کي سمبارا جو نالو ڏئي رقص کي زندگي ۽ سنڌ جي تهذيب سڏيو ٿو وڃي , اهڙي ريت پٿرن تي چٽسالي ٿيل مختلف تصويرون پڻ مليون جهڙوڪ ڦيٿو جنهن بابت سنڌ جا پارکو تاريخدان محقق وغيره چون ٿا ته دنيا ۾ ڦيٿو سنڌ جي ايجاد آهي , اهڙي ريت پٿر تي ٺهيل ڍڳي جي تصوير به هٿ آئي جيڪا وڏو عرصو سنڌي درسي يا نصابي ڪتابن تي موجود رهي پر خبر ناهي ته ڪهڙي سبب جي ڪري ادبي بورڊ وارن ان ڍڳي کي هٽائي اتي سنڌ جي نقشي وارو لوگو آويزان ڪري هڪ نئين روايت قائم ڪئي جيڪا اڪثر ماڻهن کي ناپسند آهي ته وري ڪيترائي اها مهر پسند ڪن تا مطلب ته حمايت ۽ مخالفت وارو جهان هلي پيو ۽ هلندو رهندو , پر جي ڏسجي ته ڍڳي واري لوگي کان لک ڀيرا بهتر آهي سنڌ وارو لوگو ڇو ته ڍڳو برابر زرعي حساب سان سونهين ٿو پر ڌرتي سرتي جي مناسبت سان سنڌ وارو لوگو بهتر آهي .
مان ڪنهن به آخري فيصلي يا ڪنهن فتوا جو حق ته نٿو رکان پر ايترو ضرور چوندس ته آخر ڇو ۽ ڇاجي ڪري ادبي سنگت ايتري واويلا مچائي آهي ته ڍڳي وارو لوگو بحال ڪريو يا کين سنڌ واري لوگي ۾ ڪهڙي برائي نظر ٿي اچي , جڏهن ته سنڌ ۾ افغانين جي اشو تي , جبلن جي ڪٽائي تي , سنگت جي ٻن ڌڙن کي هڪ ڪرڻ تي , ٻوڏ ۾ دربدر قوم جي بحالي تي , ڪاپي ڪلچر تي , گوسڙو استادن تي , سنڌ جا امتحان پنڊي جي حوالي ٿيڻ تي , ڌارين کي سرڪاري نوڪريون ملڻ تي ۽ ٻين لاتعداد سنڌ دشمن منصوبن تي سنگت ماٺ ۾ آهي , جڏهن ته سنگت کي گهرجي ته لوگي کي انا ۽ ضد واري پاليسي کان پري ڪري رکي ٻين ٻرندڙ اشوز تي تحريڪ هلائي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو دفاع ڪرڻ گهرجي باقي جي ڍڳو بحال ٿي يا نه ٿي سان ڪو فرق ڪين پوندو .
مزي جي ڳالھ اها آهي ته سنگت جا ٻه ڌڙا آهن هڪ ڌڙو خاموش آهي ٻيو ڌڙو تحرڪ ۾ آهي جيڪو پينافليڪس کڻي احتجاج ڪري رهيو آهي ته تاريخي ڍڳي کي بحال ڪريو پر هئڻ ته ايئن گهربو هيو جو جهڙيء ريت مرڪزي چونڊن وقت هر شاخ جا ميمبر ڀاڙو ڪرايو ڪري حيدرآباد ۾ اچي ووٽ ڪاسٽ ڪندا آهن تهڙيء ريت سنگت جي شاخن جا عهديدار ۽ ميمبر سر سان ڪفن ٻڌي ڄامشوري ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ٻاهران مرڻ گهڙيء تائين احتجاجي ۽ بک هڙتالي ڪئمپ هڻي ويهن ته شايدي کڙ تيل نڪري باقي اهي احتجاج اجايا آهن ۽ اهي احتجاج کوکلي ۽ سکڻي شهرت حاصل ڪرڻ جو سبب آهن .
پر جي سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جي باوجود به ڍڳي جو پير کُرُ نه لڀي ته پوء سنگت کي گهرجي ته ماسترن وانگر ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۽ سي ايم هائوس آڏو ڀرپور ۽ سگهارو احتجاج ڪري جيڪي صرف ۽ صرف پگهار ۽ ٽائيم اسڪيل خاطر واٽر ڪينن ۽ پوليس جي مار خبر نه چار سان مهاڏو اٽڪائي مطالبا مڃرائي وٺندا آهن . سو اميد ٿي ڪجي ادبي سنگت وارا به نالي ماتر احتجاج ۽ آڱر ڪٽرائي شهيد ٿيڻ کان اڳتي وڌي ڪو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏيندا .

پهنجو تبصرو موڪليو