ڌرتي جو عالمي ڏينهن.!

شير محمد نونداڻي
ڌرتي جو ڏينهن 22 اپريل تي ملهايو ويندو آهي, اهو ڏينهن پهريون ڀيرو اوڻيھ سئو ستر عيسوي تي ملهايو ويو. ڌرتي شمسي نظام جو پنجون وڏو گرھ آهي ۽ نيري رنگ جو حسين گرھ آهي. ڌرتي جي عمر ساڍا چار ارب سال آهي. ڌرتي اها واحد ڪائنات آهي جتي هر جيوت رهي ٿي. تنهن ڪري جيڪڏهن ڌرتيء کي پنهنجي ماء ڪوٺيوسين ته وڌاء نه ٿيندو. ڌرتيء تي موجود جيوت, وڻن ۽ ٻوٽن جي ڪري حسين آهي. پر ان حسن جو دارومدار پاڻي تي آهي. فطرت جي نظام ۾ پاڻي کي ئي زندگي جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. ڌرتي جا ٽي حصا پاڻي آهي ۽ هڪ حصو خشڪي آهي ۽ ڌرتي جي جنهن به حصي تي پاڻي آهي ته اتي باغ باغيچا به آهن ته سونهن ۽ ساوڪ به هوندي آهي.
ٻوٽن جي واڌ لاءِ ڪاربان، هائڊروجن ۽ آڪسيجن ضروري آهي، جن جو سڌو يا اڻ سڌيءَ طرح واسطو پاڻيءَ سان آهي. اسان پنهنجي سنڌ ڌرتيء تي نظر وجهنداسين ته پاڻي جو هر روز بحران ٿيندو وڃي. سنڌو ندي جيڪا سنڌ ڌرتي جي وستين کي آباد ڪندي هئي پر هاڻي سنڌو ۾ واري اڏامي رهي آهي. جنهن ڪري سنڌ ڌرتي جي ساوڪ ۽ سونهن تي هاڃيڪار اثر ٿيا آهن.
سنڌ سميت سڄي ملڪ جي معاشي سرگرمين ۾ زراعت جو وڏو حصو آهي. وقت سان جيئن جيئن پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي، تيئن زراعت سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. موسمياتي تبديلي, آلودگي ۽ ٻيلن جي تباهي ٿي رهي آهي. جنهن ڪري گرمي ۾ واڌ ٿيڻ, ڏڪار, ٻوڏون ۽ زلزلا اچي رهيا آهن. جنهن جو سبب اسان وڻن ۽ ٻيلن کي وڍي انهن کي ختم ڪري رهيا آهيون. جنهن ڪري هن وقت جهنگلي جيوت ختم ٿي رهي آهي, ڪيترن جانورن ۽ پکين جا نسل ختم ٿي رهيا آهن. پکي ڌرتي جي سونھن آھن پر انساني وحشي پڻي جو شڪار ٿي خوبصورت پکين جا ڪئين نسل ڌرتي تان تيزي سان ختم ٿيندا پيا وڃن. سندن نسل ڪشي روڪڻ لاء پاڻ منجھان ھر ڪنھن کي ذميواري سان پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي. پلاسٽڪ جو استعمال ۽ ڪيميڪل دوائن جو استعمال به هاڃيڪار آھي. ڌرتي جيڪا اڄ هن ٽيڪنالاجي ۽ ترقي تائين پهتي آهي ته اها ماڻهن جي شعور ۽ سمجھ سان ڏاڪي به ڏاڪي, انسان جي پورهئي ۽ محنت سان اڄ هيستائين پهتي آهي. انسان مختلف تجربا ڪيا تن تجربن جو نتيجو اهو نڪتو جو تهذيبون وجود ۾ آيون. ماڻهن پنهنجي گذرسفر لاء نوان طريقا اختيار ڪيا. جڏهن ته ماڻهن ملڪيت گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. جڏهن مال ۽ ملڪيت گڏ ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. ماڻهن قانون جي خلاف ورزي ڪئي ته جنگيون ۽ جهيڙا ٿيا. افسوس جو اسان وٽان امن جو پکي اڏامي ويو آهي. هن ڌرتي تي جتي پيار, محبت ۽ ڀائيچارو هجي, اتي انسانيت جو قتل عام ٿي رهيو آهي. هن ڌرتي تي هن وقت فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ هلي رهي آهي. جنهن ڪري بارود جو واهپو تمام گهڻو ٿي رهيو آهي ۽ خون سان هن ڌرتي کي ونجهاريو ويو آهي. معصوم ٻار موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. ھن ڌرتي تي ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي. هن وقت خدشا اهي لڳي رهيا آهن ته دنيا ٽئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي, جنهن سان اڃان به وڌيڪ انسان توڙي جيوت جو اڃان به وڌيڪ نقصان ٿيڻ جا خدشا آهن. 1970ع تي ڌرتي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد موسمياتي تبديليءَ کي رد ڪرڻ ۽ اسان جي ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ وقف ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن پنهنجي ڌرتي کي خوبصورت ڏسڻ چاهيون ٿا ته هن ماحول کي آلودگي کان بچايون ۽ وڻ پوکيون.

ڌرتي جو عالمي ڏينهن.!” هڪ تبصرو

  1. [ايراني عزت مآب صدر ابراھيم رئيسي کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ نور ائير بيس تي پھچڻ بعد وفاق وزير طرفان استقبال ڪيو ويو.
    شايد صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان اڃان گھڻو مصروف ھئا..
    محترم ايراني شخصيت جو وفاقي وزير طرفان آڌر ڀاءُ ڪرڻ واري عمل تي ڏک پھتو آھي.
    [: Why not Pakistani President or Prime minister rcv at Airport to Respect Irani President…!!!!!??????

پهنجو تبصرو موڪليو