ڌاڙيل ڪار سوار ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

رستم(ن سنڌيار)رستم ڀرسان هٿياربند ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، سومراڻي شاخ وٽ هٿياربندن هڪ ڪار کي روڪي 5 ڄڻن کي اغوا ڪيو، جنهن دوران 3 ڄڻا وجهه وٺي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي ڪچي طرف کڻي ويا. مغوين ۾ اسد علي ۽ شاھد علي شامل آهن، اهڙو اطلاع شڪارپور پوليس کي ڏنو ويو آهي. پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ پيرا کڻي ڪچي طرف رواني ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو