ڌانڌلي واري حڪومت مهانگائي جي سونامي ۾ لڙهي ويندي. شهباز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جو ٻچو ٻچو شاهدي ڏئي رهيو آهي ته 74 سالن ۾ بدترين حڪومت آئي آهي. جنهن تاريخي مهانگائي ڪئي ۽ ماڻهو ماني لاءِ پريشان آهن. اهڙو اظهار هن سومر تي قومي اسيمبلي ۾ مهانگائي بابت تقرير ڪندي ڪيو. شهباز شريف چيو ته هتي اسان رات ڏينهن مديني جي رياست جو ذڪر ٻڌون ٿا، ڪٿي آهي اها رياست ۽ ڪٿي آهي حڪومت؟ موجوده حڪومت ملڪ تي بار بڻجي چڪي آهي، مديني جي رياست ۾ ته ناانصافي ۽ چيلهه چٻي ڪندڙ مهانگائي نه هئي، ڪير بکيو نه سمهندو هو، ڪنهن بيواهه جو حق نه مرندو هو، بيروزگاري نه هئي. هن وزيراعظم عمران خان تي ڀرپور تنقيد ڪندي چيو ته اٽو، کنڊ ۽ دال 20 هزار ماهوار ڪمائيندڙ جي پهچ کان ٻاهر ٿي وئي آهي، غريب بجلي جو بل ۽ دوائون ڪٿان آڻيندو، حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي ننهن چوٽيءَ جو زور ڏنو آهي، آءِ ايم ايف هاڻ به انهن کان راضي ناهي، الله ڄاڻي ٿو ته ان تباهيءَ جو انجام ڇا ٿيندو. سندس چوڻ هو ته جيترو غريب کي هن نقصان ماريو آهي، ايترو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن ناهي ماريو، اسان مهانگائي خلاف سندرو ٻڌي ڇڏيو آهي، مهانگائي جي سونامي هن ڌانڌلي سٽيل حڪومت کي وهائي ويندي، اسان سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مهانگائي خلاف عوام سان گڏ احتجاج ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو