ڊي سي ميرپور خاص ڪورونا سبب وفات ڪري ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميرپور خاص جو ڊپٽي ڪمشنر زاهد ميمڻ ڪورونا وائرس سبب نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. هو ڏهه ڏينهن اڳ اسپتال داخل ٿيو هو جتي سندس طبيعت بگڙجڻ بعد کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو پر گزريل رات هو گزاري ويو. ياد رهي ته پاڪستان ۾  7 مهينن ۾ ڪورونا سبب 6485 کان مٿي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو