دادو ( ن س) ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضي علي شاه جي صدارت ۾ سندس آفيس جي دربار حال ۾ ( ڊي ، ڊي ايم اي )ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ( ڊي سي سي اين ) ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آف نيوٽريشن جون ڌار ڌار گڏجاڻي ٿي گذريون. گڏجاڻيڻ ۾ سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن ، لاڳاپيل آفيسرن ۽ عالمي ۽ قومي سطح واريون سماجي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ضلعي اندر ٻوڏ جي تباهڪارين بعد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ان موقعي تي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ ٻين امدادي سرگرمين بابت مختلف سماجي تنظيمن پنھنجي پروگريس رپورٽ پيش ڪئي ۽ سماجي ڪمن بابت آگاهي ڏني . گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضي علي شاه امدادي ۽ بحالي واري ڪمن جي ساراه ڪئي ۽ چيو تہ امدادي ۽ بحالي واري ڪمن ۾ بھتري ۽ تيزي آڻن جي ضرورت آھي تہ جئين ٻوڏ متاثرن جي بحالي کي يقيني بڻائي سگهجي ته جيئن اهي پنھنجن پيرن تي بيهي سگھن .ھن انھن سماجي تنظيمن جيڪي ڪارگذاري يا پروگريس رپورٽ ڊي سي آفيس ۾ نٿا جمع ڪرائين کي سختي سان ھدايت ڪئي تہ اھي پنھنجي پروگريس رپورٽ جمع ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن انھن جي ڪم ڪار جي خبر پوي . ڊپٽي ڪمشنر اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ صحت ، صاف پاڻي جي فراهمي ماڻھن کي صاف سٿري خوراڪ ۽ صفائي کي يقيني بنايو وڃي تہ کين صحت مند معاشرو جڙي سگھجي . گڏجاڻي ۾ ٻار ۽ ماءُ کي نيوٽريشن ( غذائي کوٽ ) ۽ ٻار ۽ ماءُ جي واڌ ويجھ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ صفائي ۽ سٿرائي بابت آگاھي ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو تہ جيئن صحتمند ماحول کي يقيني بنائي سگهجي . گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اسد علي کوسو ، ڊاڪٽر زاھد کوسو ،يو اين اوڇا جي نمائنده لا لا نيل امبر سميت مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي.










