ڊي آءِ خان: فورسز تي حملو، جوابي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ)ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي رنجئي ۾ سرچ آپريشن دوران دهشتگردن سڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.پوليس موجب، ڪالاچي جي علائقي محلا رنجئي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران شرپسندن سڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني.حملي کانپوءِ ڪافي دير تائين ٻنهي طرفن کان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو ۽ مقابلي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.ان مقابلي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن جو دائرو وڌايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو