ڊينيئل بالاجي دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي تامل ۽ مليالم اداڪار ٽي سي بالاجي عرف ڊينيئل بالاجي 48 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب دانيال بالاجي گذريل ڏينهن سيني ۾ درد جي شڪايت ڪئي هئي، جنهن سبب کيس چنائي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.پر طبي امداد جي باوجود تامل اداڪار بچي نه سگهيو ۽ گذريل رات دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.رپورٽن مطابق سندس آخري رسمن بابت في الحال تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.ڊينيل بالاجي جي اوچتي موت سندس مداحن ۽ تامل فلم انڊسٽري لاءِ صدمو پهتو آهي، اداڪار جي موت جي خبر فوري طور تي سوشل ميڊيا تي پکڙجي وئي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندس مداحن جو وڏو انگ کيس خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو