ڊيلٽا ويرينٽ خلاف فائزر ويڪسين وڌيڪ موثر قرار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي سائنسدانن جي تازي تهقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت مان شروع ٿيل ڪورونا وائرس جي ڊيلٽا ويرين خلاف ايسٽرازينيڪا جي ڀيٽ ۾ فائزر ويڪسين وڌيڪ موثر آهي. جاري ڪيل رپورٽ موجب ڪيل تجربن بعد اهو ثابت ٿيو ته اسٽرازينيڪا جي هڪ خوراڪ 30 سيڪڙو ۽ فائزر جي هڪ خوراڪ 36 سيڪڙو موثرآهي. ايسٽرازينيڪاجون 2 خوراڪون 60 سيڪڙو ۽ فائزر جون ٻه خوراڪون 88 سيڪڙو موثر ثابت ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو