ٽرمپ کي سزا 11 جولائي تي ٻڌائي ويندي، جلد اپيل ڪندس

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي مريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وڪيل 4 سالن واري سزا خلاف جلد اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ کي 34 الزامن مان هر هڪ عيوض چار چار سال نيو يارڪ جيوري جي جج ، جوآن مرچن 11 جولاءِ جي سزا مقرر ڪئي. سزا جي تاريخ نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊ لاءِ ريپبلن پارٽي پاران اميدوار نامزد ڪرڻ لاءِ گهرايل ڪنوينشن کان 4 ڏينهن شروع ٿيندي. 12 رڪني جيوري ٻن ڏينهن دوران 11 ڪلاڪن کان وڌيڪ غور ويچار ڪيو، جنهن بعد خميس تي چند منٽن ۾ متفقه فيصلو پڙهي ٻڌايو. جيوري جي سربراهه جوآن مرچن چيو ته هي هڪ”ڏکيو ۽ دٻاءُ وارو ڪم هو” جيڪو مڪمل ڪرڻ تي ساٿي ججن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. ٽرمپ تي ڪاروباري معاملن ۾ هيرا ڦيري، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ سيڪس اسڪينڊل تي خاموشي اختيار ڪرڻ ۽ خوار نه ڪرڻ عيوض پورن اسٽار اسٽارمي ڊينئلز کي هڪ لک 30 هزار ڊالرڏيڻ جا الزام هئا. 2016 ۾ هن هيلري ڪلنٽن سان صدارتي چونڊ مقابلي جي موقعي تي پورن اسٽار کي پئسا ڏنا هئا جيئن سندس بدڪرداري بابت آمريڪي ووٽرن کي خبر نه پوي. کيس مليل سزا واري حڪم ۾ سندس صدارتي چونڊ وڙهڻ تي پابندي نه لڳائي وئي آهي. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اپيل م سزا معطل نه به ٿي ۽ ٽرمپ جيل به ويو ته به چونڊ وڙهي سگهي ٿو. هي پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن اڳوڻي آمريڪي صدر کي سزا ملي آهي. 77 سالن جي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته مان معصوم ماڻهو آهيان، اصل فيصلو ووٽر ڪندا. هن سزا کي ڌانڌلي ۽ تذليل قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو