ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لاءِ 7 ڪيٽيگريز ۾ 360 رانديگرن جي چونڊ

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي سليڪشن ڪميٽي ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ لاءِ رانديگرن جي لسٽ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. 360 رانديگرن کي 7 مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪانٽريڪٽ ڏنا ويندا. ذريعن موجب اي پلس ۾ 20 رانديگر، اي، بي، سي ۽ ڊي ڪيٽيگري ۾ 30 رانديگر شامل آهن. اي ڪيٽيگري ۾ 50 ۽ ايف ڪيٽيگري ۾ 190 ڪرڪيٽر آهن، رانديگرن کي ٽن سالن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي. محمد هريرا، حسيب الله، ڪامران غلام، صاحبزاده فرحان کي اي پلس ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪئي ويندي. عباس آفريدي، علي عثمان، محمد علي، ساجد خان، مبشر خان به اي پلس ڪانٽريڪٽ لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن. A پلس رانديگرن کي هر مهيني 3 لک رپيا ملندا. اي ڪيٽيگري ۾ 2 لک، بي ڪيٽيگري ۾ هڪ لک 85 هزار، سي ڪيٽيگري ۾ هڪ لک 70 هزار رپيا تجويز ڪيا ويا آهن. ڊي ڪيٽيگري کي ڏيڍ لک، اِي ڪيٽيگري واري کي هڪ لک ۽ ايف ڪيٽيگري واري کي 50 هزار ماهوار ملندا.

پهنجو تبصرو موڪليو