سنڌ هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ جي خلاف هڪ سازش سمجهندي ان کي رد ڪري ٿي ۽ اسان مطالبو ٿي ڪري فوري طور تي هن آدمشماري کي روڪي سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن. جيڪڏهن سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته هن بوگس ۽ سازشي آدمشماري جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 17هين آخري ڏينهن تي احتجاجي ڪئمپ هزارين ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آدمشماري سياسي مسئلو ناهي پر پاڪستان ۾ گذريل جيڪي آدمشماري ٿيون آهن اهي سازشي ٿي ويون جن جي ذريعي مظلوم محڪوم قومن جا حق کاڌا ويا آهن. سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي جو سڄي دنيا جا رولاڪ هتي آباد ڪيا پيا وڃن. سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ آيل ڌارين آبادڪاري جي ڪري سنڌ جو امن امان مڪمل تباھ ٿي ويو آهي سنڌ کي ﷲ تعالي ته هر نعمت سان مالامال ڪيو پر حڪمرانن سنڌ جي عوام کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي. ڊجيٽل آدمشماري فني ۽ ٽيڪنيڪلي طرح سنڌين کان سندن مادر وطن کسڻ جي سازش آهي. پ پ پ سرڪار آدمشماري جي معاملي تي سنجيده هجي ها ته آدمشماري جي عملي کي روڪي ڇڏي ها. برسات متاثرين جي نالي تي پ پ پ سموري امداد کائي وئي سڄي دنيا ملندڙ امداد ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي گهرن ۾ هلي وئي متاثرين کلي آسمان ھيٺ ويٺل رهيا پر هنن حڪمرانن کي شرم ڪونه آيو. پيپلز پارٽي گذريل پندرنهن سالن کان مسلسل سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي پر سنڌ جي عوام کي ڪو رليف ناهي ڏئي سگهي. پيپلزپارٽي سنڌ جي قومي معاملن تي سدائين سوديبازي ڪري اقتدار حاصل ڪيو آهي سنڌ کي نقصان رسائيندي رهي آهي. سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل جاگيردار ۽ وڏيرڪي طبقي کان کسي پورهيت طبقي جي نمائيندن کي ڏيڻ ۾ آهي. جنهن ڏينهن سنڌ پنهنجي ووٽ جو سهي استعمال ڪيو ان ڏينهن سنڌ مٿان هي مڙهيل مصيبتون ختم ٿي وينديون. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته هي ڊجيٽل آدمشماري جو منصوبو وقت کان اڳ شروع ڪرڻ جو پلان عمران خان جو هو. هن سمجهيو ان سان سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري کي ڳڻپ ۾ آڻي انهن کي ووٽ جو حق ڏئي اڳتي سيٽون ڪڍندو. پ پ پ وارن کي پنهنجي لالچ آهي. ته هاڻي وري شهباز شريف کي پنهنجي حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ هي ڊرامو شروع ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ هر ڏهن سالن کانپوء آدمشماري ڪئي ويندي آهي هن وقت ڪهڙي هنگامي حالت ٿي آهي يا خدا نه ڪري ڪا اهڙي وبا آئي آهي جو پنجن سالن ۾ آدم شماري شروع ڪئي وئي آهي. آدمشماري واري عمل ۾ شناختي ڪارڊ جو شرط نه هجڻ، ڌارين آبادڪاري لاءِ الڳ خانو نه رکڻ ۽ ڊجيٽل جي نالي ۾ انگ اکرن جي راند ڪرڻ کي سنڌ جو عوام. سنڌ جي خلاف گهيري سازش سمجهي ٿو. هن چيو ته سنڌ اندر جنهن رٿابندي سان زمينن تي والار ڪري ڌارين آبادڪاري کي آندو ۽ آباد ڪيو ويو ۽ هاڻي وري آدمشماري ۾ انهن کي ڳڻپ ۾ آڻي انهن جي حلقابندي ڪئي ويندي جنهن سان سڀاڻي هن ڌرتي جا اصل ڌرتي ڌڻي نه صرف اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا پر هنن کان حق حڪمراني جو کسيو ويندو. پر هنن بدمست ۽ سازشي حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مادر وطن جي دنگن ۽ حقن جي حفاظت لاءِ ساھ جي آخري هڏڪي تائين وڙهندا جئين سنڌ جي ماڻهن نواز ليگ جي ڪالاباغ ڊيم، پ پ پ جي ٻٽي نظام ۽ عمران خان جي ٻيٽن تي قبضي واري آرڊيننس کي ٿڏي رد ڪري ڇڏيو ائين هن آدمشماري کي به سنڌ جا ماڻهو نه صرف رد ڪن ٿا پر پردي پويان ٿيندڙ سنڌ خلاف هر سازش جو ڀرپور مقابلو ڪري سنڌ دشمن قوتن کي شڪست ڏيندا. ان موقعي تي ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، قادر چنا ،امتياز سمون ،نثار ڪيريو حيات تنيو، عبدالمومن ميمن، شفقت عباسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29