ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي خزاني کي 462 ارب رپين جو نقصان رسائڻ جي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف نيب پاران گواه پيش نه ڪرڻ تي 7 جنوري تائين احتساب عدالت ڪاروائي ملتوي ڪري ڇڏي. *** احتساب عدالت گئس لائن وڇائڻ جي ٺيڪي ۾ قومي خزاني کي 17 ارب رپين جو نقصان رسائڻ جي ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف ڪيس ۾ شريڪ جوابدار اقبال زيڊ احمد کي پيش نه ڪرڻ تي 31 ڊسمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. *** دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم باني پاران قومي ادارن خلاف چڙ ڏيارڻ واري تقرير بابت باني سميت ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجه اظهار، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر، روئوف صديقي، قمر منصور، ريحان هاشمي، جنيد لاکاني، محفوظ يار خان، امجد الله ۽ ٻين خلاف مختلف ٿاڻن تي داخل ڪيل 17 ڪيسن مان هڪ ڪيس جي جاچ آفيسر خورشيد خٽڪ جو بيان قلمبند ڪرڻ بعد 11 جنوري تي وڌيڪ شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.***دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ايم ڪيو ايم، لياري گينگ وار ۽ جهادي تنظيمن جي ڪارڪنن جو ضياءُ الدين مان رعايتي اگهه تي علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڊاڪٽر عاصم حسين، انيس قائمخاني، وسيم اختر، رئوف صديقي، پي پي ايم اين اي قادر پٽيل ۽ پاسبان جي جنرل سيڪريٽري عثمان معظم ۽ ٻين خلاف ڪيس جي فريادي رينجرز جي ڊي ايس آر عنايت الله دراني پاران پيش نه ٿيڻ سبب 11 جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي کيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. واضح رهي ته ايم ڪيو ايم جو مرحوم اڳواڻ سليم شهزاد پڻ هن ڪيس ۾ نامزد ٿيل هو جنهن جي وفات ٿي وئي آهي جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آهن.
