ڊالر جي قدر ۾ واڌ، رپئي جي قيمت وڌيڪ غير مستحڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو سبب پاڪستاني رپئي جي قدر ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مستحڪم ٿيندي پئي وڃي.اڄ به آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 11 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 228 رپيا 25 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 228 رپيا 14 پئسا مهانگو هو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ منفي شروعات
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي منفي شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 298 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 40 هزار 505 تي اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو