ڇور ۾ پاڻي جي فراهمي بند، شهرين جو احتجاج

ڇور(ن س) شھر جي اڪثر علائقن ۾ واٽر سپلاءِ بند ھجڻ خلاف مختلف تنظيمن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي سماجي اڳواڻن، پرٿوي سوڍو، ڪائونسلر نواز علي نھڙي، اصغر غوري، غلام محمد ارباب مڱريو، اختيار سميجو ۽ ٻين چيو تي پبلڪ ھيلٿ کاتي جي لاپرواھي سبب ڇور شھر ۽ مختلف پاڙن جي پاڻي جي فراھمي معطل ھجڻ ڪري شھري جر جو کارو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آھن. جنھن ڪري مختلف بيماريون پيدا ٿي رھيون آھن. ھنن چيو تي چار ڏينھن اندر واٽر سپلاء جي فراھمي بحال نه ڪئي وئي تي جمح جي ڏينھن شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري ڇور عمرڪوٽ روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو