ڇتي ڪتي جي ڏاڙهلين جي انجيڪشن پئسن تي وڪامڻ لڳي؟

گهوٽڪي (رپورٽ اسد مير چاچڙ) گهوٽڪي ضلعي اندرڇتي ڪتي جي چڪ واري انجيڪشن اڻ لڀ ٿي وئي، ڪيترائي ڪتي جا ڏاڙهيل ماڻهون انجيڪشن هڻائڻ لاء ضلعي جي مختلف علائقن ميرپورماٿيلو، ڏهرڪي،اوٻاوڙو، خانپور مهر ۽ گهوٽڪي جي سرڪاري اسپتالن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن. جڏهن ته گذريل سان ڪتي جي چڪ واري انجيڪشن نه ملڻ ڪري 20 کان مٿي ماڻهون موت حوالي ٿي ويا هئا. جڏهن ته هاڻ به اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي. ضلعي جي اڪثر اسپتالن اندر موجود عملو ڪتي جي چڪيل ماڻهن کي اهو جواز جاڻائي سئي ٿا هڻن ته توهان کي هتي اچڻو پوندو گهر کڻي وڃڻ لاء انجيڪشن ناهي. ان حوالي سان گهوٽڪي جي سياسي , سماجي اڳواڻن يونس ڀٽو، مهراڻ سنڌي، شاھ خالد، زيڊ اي بخاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي اندر ميونسپل جي نااهلي سبب ڪيترن سالن کان ڪتا مار مهم نه هلڻ ڪري ڪتا وڌي ويا آهن. اسپتالن اندر انجيڪشن شفارش يا رشوت عيوض ملي ٿي. سياسي۽ سماجي اڳواڻن سنڌ سرڪار ۽ ڊي سي گهوٽڪي کان گهر ڪئي ته انجيڪشنون وڪرو ڪندڙ عملي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته سنڌ جي ٻين علائقن جيان گهوٽڪي ضلعي جي سرڪاري اسپتالن اندر سياسي ڀوتارن جا ايم ايس مقرر آهن. جنهن ڪري انهن خلاف ڪوبه ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو