ڇا پي ڊي ايم مستقبل ۾ ڪو ٻوٽوٻاري سگهندو؟

ليکڪ  جاويد احمد چانڊيو

ملڪ ۾ وڌنڌڙمهانگائي پيٽرول سميت ٻين شين جي واڌ خلاف هڪ دفعو ٻيهرحڪومت مخالف ڌرگڏيل سياسي مذهبي اتحاد پي ڊي ايم عمران خان حڪومت خلاف زوردارتحريڪ هلائڻ جواعلان ڪري ڇڏيو آهي، 20 آڪٽوبرکان ٻيهرمڪمل تياري سان تحريڪ جاري رکڻ جوفيصلوڪيو ويوآهي،ملڪ جي هر ضلعي جي هيڊڪواٽرن ۾جلسا، جلوس، ڌرڻا لانگ مارچ سميت ٻيا طريقابه استعمال ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ٿئي رهي آهي،عوام کي مهانگائي، پيٽرول۽ٻين شين جي واڌ خلاف احتجاج جوڪرڻ جوسڏ ڏئي هرحال ۾ حڪومت ڇو ٽڪاروڏيڻ جووچن ڪيو ويوآهي،جميت علماءِ اسلام جا ٻيا ڌڙا، جميعت علماءِ اسلام(س)جميعت علماءِاسلام( نظرياتي)جميعت علماءِ اسلام( درخواستي)جماعت اسلامي پاڪستان عمران حڪومت خلاف پي ڊي ايم جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيارنه آهن، عمران حڪومت جا حامي ۽اتحادي، جي ڊي اي، پاڪستان مسلم ليگ( ق) ايم ڪيو ايم پاڪستان،مسلم ليگ( ف)۽ڪجهه آزاد ڌريون شامل آهن،جميعت علماءِاسلام جا باغي اڳواڻ،جميعت علماءِ اسلام پاڪستان جوامير مولانا فضلالرحمان شڪست کان بچي نه سگهيو، عمران خان سرڪارخلاف مختلف الزام لڳائي جعلي، ڌانڌلين جي پيداوارقرار حڪومت ڏنوآهي، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون ڪيترن معاملن تي اختلافن جو شڪار آهن،اتحاد کان الڳ ٿيڻ جارستا به ڳولي رهيون آهن،پ پ قيادت جو پي ڊي ايم کي ڇڏڻ ۽الزام تراشي ڪرڻ سان ڪيتراشڪ جنم وٺن ٿا،جميعت علماءِاسلام پاڪستان جي امير پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضلالرحمان،پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو صدرميان شهباز شريف، مريم نوازصفدر۽ ٻين پي ڊي ايم جي مرڪزي قيادت پنجاب جي شهرفيصل آباد ڌوٻي گهاٽ ۾ ٿيل وڏي جلسي ۾ عمران حڪومت ۽ سرڪاري ادارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو،تنقيد جو رد عمل وزير داخلا شيخ رشيد احمد به جواب ڏيئي چڪوآهي،مريم صفدرنواز شعله بيان تقريرجلسي جوماحول گرمائي ڇڏيو،عوام کي اها به خوشخبري ڏني وئي ته تمام جلدعمران حڪومت جو خاتموٿيڻوآهي،ڪارڪن نين چونڊن جي تياري ڪن، پي ڊي ايم جي مرڪزي قيادت گڏيل اتفاق سان طئي ڪيو آهي ته موجوده عمران خان سرڪارخلاف هرصورت ۾ حڪومت خلاف تحريڪ جو آغازڪري عمران سرڪارکي گهر ڀيڙوڪيو ويندو،عام اليڪشن جومطالبوڪيو ويوآهي،پي ڊي ايم  تحريڪ جو رخ پنجاب جي شهرراولپنڊي کان ڪيو ويو آهي،ماضي ۾ پي ڊي ايم جي تحريڪ سنڌ کان شروع ڪئي وئي هئي، جيڪا ناڪام ٿئي، پ پ اڳ پي ڊي ايم جو حصوهئي، پي ڊي ايم ۽ پ پ جوتعلق گهڻو وقت هلي نه سگهيو،ڇوته پ پ سنڌ حڪومت ڇڏڻ جي حق ۾ نه آهي،پي ڊي ايم پ پ سان عمران خان سرڪارخلاف اتحاد جي حامي ضرورآهي پ پ به عمران حڪومت جو خاتموچاهي ٿي، پي ڊي ايم پ پ کي سنڌ حڪومت ڇڏڻ تي مجبورڪري ٿي ته پ پ قيادت پويان پيرڪري ٿي،پ پ کي اهو خوب اندازو آهي ته پ پ حڪومت جي طاقت تي بيٺل آهي،پ پ جا نظرياتي سينئربنيادي اڳواڻ توڙي ڪارڪن هن وقت پ پ کان مايوس نا اميد آهن،نظرياتي ڪارڪنن ۽قرباني ڏيندڙڪارڪنن جي کوٽ آهي، مال کائو مجنون گهڻاگڏ آهن، حڪومت ختم ٿيڻ سان نواب، وڏيرا،سردار،ڀوتارلابي به پنهنجو سياسي رخ بدلائي سگهن ٿا، بااثر ڀوتارلابي جي رخصتي کان پوءِ پ پ جو ٻين صوبن جهڙوحشرٿي سگهي ٿو،مطلب صاف آهي ته پ پ سنڌ ۾ سياسي طاقت وڃائي سگهي ٿي،ماضي ۾ وفاق جي علامت بڻجندڙ پ پ جو سنڌ تائين محدود ٿيڻ سچ ۽هڪ حقيقت آهي،گذريل ڪجهه ڏيهن اڳ پ پ ڪراچي ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو،ڪارسازجي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ مقصد هو،سينئرسياسي تجريبگارمبصرن جو چوڻ آهي ته پ پ بلدياتي ۽عام چونڊن جي تياري جوهوم ورڪ ڪري رهي آهي، شهيدن کي ڀيٽا ناچ گانن جهمرن سان پ پ جي ان ڪلچر عوام کي حيران ڪري ڇڏيو آهي،پ پ حڪومت ڪارساز، ايم آرڊي ۽ٻين شهيدن سان پنهنجي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪيترو انصاف ڏيڻ ۾ ڪامياب وئي آهي؟شهيد ٿيلن خاندانن جي واهرلاءِهنن ڇاڪيو؟شهيدن جي وارثن ڪنهن به قسم جو رليف ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي،ان جوجواب ڏيڻ لاءِ شهيد ٿيندڙن جي وارثن کي جلسي ۾ اسٽيج تي عوام ۽ پ پ جي هاڻوڪي سربراهه نوجوان نسل بلاول ڀٽوزرداري اڳيان پنهنجو مسئلو۽ ڏک سور يا خوشي غم بيان ڪرڻ گهرجي ها،معاملوحقيقت تائين پهچي ها،سوشل ميڊيا کي مڪمل ڄاڻ ٿئي ها،عمران خان سرڪار تي تنقيدي تيروسائڻ جوڪم سولو آهي، پ پ حڪومت تي ڪرپشن جي الزامن جو چرچو عام آهي، هائي ۽ سپريم ڪورٽ جا پ پ حڪومت تي ڪرپشن جا رماڪس ڏيڻ،لاڙڪاڻي جي تباهه ڪاري تي ڪورٽ رماڪس ڏيندي چيو هو ته پ پ جو گڙهه لاڙڪاڻوگهر آهي،هڪ گهر ته ڏائڻ به ٽاريندي آهي، پ پ لاڙڪاڻي به نه بخشيوآهي،70لک لڳ ڀڳ سنڌ جا ٻارتعليم کان محروم آهن، اسٽيل مل تباهه ٿي وئي،دادو جوتاريخي تفريحي ماڳ گورگهه هل اجڙي ويو،بلدياتي ادران ۾ ڪرپشن عام ٿيڻ ڪري سنڌ جا شهر موهن جو دڙو جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن،عوام بنيادي مسئلن جي حل لاءِ واجهائي رهيو آهي،ميرٽ تي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ نه ڏيڻ جي برابرآهن،هرهڪ ننڍي توڙي وڏي نوڪري جا ريٽ مقررٿيل آهن،ڏوڪڙن تي نوڪريون وڪرو ڪرڻ جا پ پ تي قديم وقت کان وٺي ليبل لڳل آهي،عوام جا مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري پ پ جي وزيرن، ايم اين اي، ايم پي اي،صوبائي صلاحڪارن، توڙي مشيرن جي رستا روڪ ٿيڻ وڏو سواليانشان آهي،پ پ قيادت جي خاموش تماشائي ڪردار گهڻوڪجهه سوچڻ تي مجبورڪري ٿو،عمران خان جي حڪومت خلاف، حڪومت مخالف ڌريون گڏٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته ڪابه اڪيلي سرسياسي ڌرعمران سرڪارحڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي،عمران سرڪارمخالف ڌرين کي گلگت بلستان، ڪشمير، ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ شڪست ملي،زندگي جووڏوعرصواقتدارجا مزاماڻيندڙجميعت علماءِاسلام جوامير پي ڊي ايم جوسربراهه مولانا فضلالرحمان عمران سرڪار جي حڪومت ۾ شامل نه آهي،ماضي ۾ پ پ ، نوازليگ جي حڪومتن مان خوب فائدا حاصل ڪيا،پ پ ، نواز ليگ جي حڪومتن ۾ ميگا ڪرپشن يا ڪرپشن جو سيلاب ڪنهن به قسم جي برائي نظر نه آئي، مولانا فضل الرحمان عمران سرڪارتي يهودي، قادياني لابي هجڻ جا الزام لڳائي ڇڏيا،مولانا فضلالرحمان ويجها ساٿي هن وقت ڪناره ڪشي ڪندڙحافظ حسين احمد،مولانا خان محمد شيراني ۽ ٻيا اڳواڻ مولانافضلالرحمان تي اهوالزام لڳائن ٿا ته مولانا فضلالرحمان ٻين جي مقصدن خاطراستعمال ٿئي رهيو آهي،مولانا جي ڪلهن تي بندوڪ رکي هلائڻ ۽ مقصد ڪجهه ٻيا آهن،مخالف ڌرحڪومت خلاف تحريڪ شوق طاقت سان هلائي ،مخالف ڌر خدا کي حاضر ناظر سمجهي اهو به عوام  کي حق سچ ٻڌائي ته مهانگائي جي لپيٽ ۾ فقط دنيا جوهڪ ملڪ پاڪستان شامل آهي؟عالمي سطح تي ڊالرجي قيمت، ڪچي تيل جي وڌڻ سان دنيا جو ڪهڙو ملڪ مهانگائي جي لپيٽ نه آهي،پيٽرول۽ٻين شين جون قيمتون وڌڻ کان دنيا جو ڪهڙو ملڪ آجيو آهي،آمريڪا ،مصر،يمن،انڊونيشا، برطانيا،جرمني،لبنان،ايران،عراق، چين، سعودي عرب،ڀارت،سميت دنيا جا بيشمارملڪ مختلف قسمن جي بحرانن سان منهن ڏيئي رهيا آهن جنهن جو تفصيل ڊگهو آهي،عمران خان جي سرڪار به وڏن بحرانن مان گذري رهي آهي،عام اليڪشن ۾ به ٿورووقت بچيو آهي،عمران سرڪارعوام جي اميدن تي نه لٿو ته ان جو حشر به( ق) ليگ جهڙو ٿيندو،مخالف ڌروقت ۽ ايندڙاليڪشن جو انتظارڪرڻ گهرجي،عوام ووٽ جي طاقت سان ايندڙمستقبل جو فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهي،

پهنجو تبصرو موڪليو