ڇا سعودي عرب ۽ ايران ۾ جنگ ٿي سگهي ٿي؟ جوناٿن مارڪس

ڪيترن ڏهاڪن کان سعودي عرب ۽ ايران ۾ جهيڙو هلندڙآهي، اهي هڪ ٻئي جا دشمن آهن پر موجوده وقت ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافوٿيوآهي. ان جا ڪيترائي سبب آهن اچو تي ان تي نظر وجهون ٿا.

ايران ۽ سعودي عرب گڏ ڇو نه ٿا هلي سگهن

سعودي عرب ۽ ايران ٻئي طاقتور پاڙيسري ملڪ آهن ۽ خطي ۾ پنهنجي سرسي لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن. ڏهاڪن کان هلندڙ جهيڙو مذهبي اختلافن سبب به وڌيو آهي. هي مذهبي فرقيواريت وچ اوڀر جي نقشي تي وڌيڪ پکڙيل ڏيکاربي آهي جتي ڪجهه ملڪ شيعه يا سني اڪثريت ۾ آهن. اهي ايران يا سعودي عرب جي طرفان مدد جي لاءِ ڏسندا رهيا آهن. تاريخي اعتبار سان سعودي عرب ۾ اسلام جي شروعات ٿي ۽ اهو پاڻ کي مسلم دنيا جي اڳواڻ طور تي پيش ڪندو آهي پر هي صورتحال سن 1979 جي ايران ۾ اسلامي انقلاب کان بعد تبديل ٿي وئي، جڏهن هن خطي ۾ هڪ نئين قسم جي ٰمذهبي انقلابيٰ رياست ٺهي ۽ ان جو هڪ مقصد هن نئين نظام کي پنهنجي سرحدن کان ٻاهر به متعارف ڪرائڻو هيو. گذريل 15 سالن ۾ خاص طور تي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اختلاف مختلف واقعن سبب وڌيا آهن. سن 2003 ۾ آمريڪا جي اڳواڻي ۾ حملي جي نتيجي ۾ عراق ۾ صدام حسين جي حڪومت ختم ٿي وئي، جيڪا سني عرب هئي ۽ ايران جي سڀ کان وڏي مخالف. ان سان علائقي ۾ ايران جو مقابلو ڪرڻ واري هڪ وڏي فوجي طاقت ختم ٿي وئي، بغداد ۾ شيعه اثر رسوخ واري حڪومت جي لاءِ رستو کلي ويو ۽ ان وقت کان ملڪ ۾ ايران جي اثر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن هاڻي سڌو سال 2011 جي ڳالهه ڪئي وڃي ته مختلف بغاوتن جي عيوض عرب ملڪن ۾ سياسي عدم استحڪام آيو جنهن سان سمورو خطو متاثر ٿيو. ايران ۽ سعودي عرب ان موقعي کي استعمال ڪندي خطي ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي خاص طور تي شام، بحرين ۽ يمن ۾ ۽ ان دوران ان جا گڏيل شڪ شڀن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. ايران جا ناقدين چوندا آهن ته هو خطي ۾ پنهنجو پاڻ کي يا پنهنجي حمايت يافته گروهن کي قائم ڪرڻ جي پاليسي تي قائم آهي ۽ ان طرح ايران کان بحيره روم تائين پنهنجي ڪنٽرول واري زميني راهداري ٺاهڻ چاهي ٿو.

ڳالهه ڪٿي بگڙي؟

ايران ڪافي اعتبار کان هن خطي ۾ پنهنجي پاليسين ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي ۽ اهو ئي هن دشمني ۾ تيزي جو هڪ وڏو سبب آهي. شام ۾ ايران ۽ روس جي حمايت سان صدر بشارالاسد ان قابل ٿيو ته هو سعودي عرب جي حمايت يافته باغي گروهن کي وڏي پيئماني تي شڪست ڏئي سگهيو. سعودي عرب ايران جي وڌندڙ اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سخت ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته سعودي عرب جي نوجوان ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان جي فوجي قدمن سان خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. سعودي وارن يمن ۾ حوثي باغين جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن اتي انهن جي خيال ۾ جيڪو ايران جو اثر رسوخ آهي ان کي ختم ڪري سگهون، پر چار سال گذرڻ تي هاڻي هي فيصلو سندن لاءِ مهانگو ثابت ٿي رهيو آهي. ايران، حوثي باغين کي هٿيار مهيا ڪرڻ وارن الزامن جي ترديد ڪئي آهي، جڏهن ته اقوام متحده جي ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته تهران جي طرفان حوثي باغين کي هٿيار ۽ ٽيڪنالوجي جي شڪل ۾ مدد ڏني ويندي آهي.

لبنان ۾ حزب الله نالي شيعه مليشيا کي ايران جي حمايت حاصل آهي ۽ سياسي طاقت سان گڏو گڏ ان وٽ هڪ مسلح فورس به آهي.ڪافي مبصرن دعوا ڪئي آهي ته سعودي عرب سال 2017 ۾ لبنان جي وزيراعظم سعد حريري کي پنهنجي حمايت جي باوجود استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو ڇو ته خطي جي جهيڙن ۾ حزبالله جو هٿ هيو ۽ بعد ۾ هو لبنان ويو هو ۽ پنهنجي استعيفيٰ کي ملتوي ڪري ڇڏيو هئائين. ٻاهريون طاقتون به ان سڀ ۾ شريڪ آهن. آمريڪا ۾ ٽرمپ انتظاميه سعودي عرب جي حمايت ڪندي آهي، جڏهن ته ايران کي هڪ وڏو خطرو پڻ مڃڻ سبب اسرائيل به هڪ لحاظ کان سعودي عرب سان گڏ آهي ته جيئن ايران کي روڪي سگهجي. اسرائيل، شام ۾ ايران جي حمايت يافته جنگجوئن جي مسلسل پيش قدمي کان خوفزده آهي جيڪوهن جي سرحد جي ويجهو اچي رهيا آهن. سن 2015 ۾ سعودي عرب ۽ اسرائيل ايران سان گڏ عالمي جوهري معاهدي جي شديد مخالفت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ايران جي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ ۽ بم ٺاهڻ جا امڪان گھٽ نه ٿيندا.

علائقائي اتحادي ڪير آهن؟

مشرق وسطيٰ يعني وچ اوڀر جو نقشو هڪ طرح کان شيعه ۽ سني جي وچ ۾ ورهائڻ جي عڪاسي ڪندو آهي. خليج فارس ۾ سعودي عرب جي حمايتن ۾ ٻيا وڏا سني ملڪ آهن، جيئن متحده عرب امارات، بحرين، مصر ۽ اردن

ٻئي طرف ايران جي دوستن ۾ شام جو صدر بشارالاسد آهي جنهن ايران دوست شيعه مليشيا گروهن جي حمايت حاصل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ حزب الله به شامل آهي جيڪو جنگجو سني باغي گروهن سان وڙهندا آهن. عراق ۾ شيعه اڪثريت واري حڪومت به ايران جي حمايت ڪندي آهي ته جيئن واشنگٽن سان گڏ به عراق جا گهاٽا تعلقات آهن، جنهن جي مدد سان هن دولت اسلاميه جو مقابلو ڪيو.

دشمني سان ڪهڙا ممڪنه اثر پوندا؟

هي ڪيترن ئي رخن سان علائقائي سرد جنگ آهي جنهن طرح آمريڪا ۽ سويت يونين جي وچ ۾ ڪيترن ئي سالن تائين شديد ڇڪتاڻ رهي هئي. ايران ۽ سعودي عرب سڌو سنئون هڪ ٻئي سان نه وڙهي رهيا آهن پر خطي ۾ ڪيتريون پراڪسي جنگين ۾ شامل آهن، جنهن ۾ هو خطي ۾ پنهنجي پنهنجي حامي گروپن جي پٺڀرائي ڪندي نظر اچن ٿا.

شام جو مثال سڀني جي سامهون آهي ته جڏهن سعودي عرب ايران تي الزام لڳايو آهي ته انهن يمن ۾ حوثي باغين کي بيلسٽڪ ميزائيل فراهم ڪيا، جن سان سعودي علائقن تي حملا ڪيا ويا. ايران تي اهو به الزام لڳايو ويندو آهي ته هن خليج فارس ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي اها جڳه آهي جتي سعودي عرب پنهنجو تيل دنيا کي موڪليندو آهي. آمريڪا چيو آهي ته هلندڙ ڪجهه عرصي جي دوران ٻاهرين ملڪن جي تيل جي جهازن تي حملي ۾ ايران ملوث آهي جڏهن ته ايران انهن حملن جي ترديد ڪري ٿو.

ڇا سعودي عرب ۽ ايران ۾ دوبدو جنگ ٿيڻ واري آهي؟

هيئنر تائين تهران ۽ رياض صرف پراڪسي جنگيون وڙهيون آهن. ٻئي ملڪن آمهون سامهون جنگ جي لاءِ تيار نه آهن. ان ڪري حوثي باغين کي سعودي عرب جي دارالحڪومت تي ڪنهن وڏي حملي يا ويجهڙائي ۾ ٿيل واقعي وانگر جيڪڏهن هن جي ڪنهن اهم اقتصادي جڳهه کي نشانو بڻايو ويو ته معاملا هٿن مان نڪري به سگهن ٿا. سعودي عرب جي انفرا اسٽرڪچر تي حوثين جي حملي جي تهران ۽ رياض جي تعلقات کي وڌيڪ پيچيدهه بڻائي ڇڏيو آهي. خليج جي سامونڊي سرحد تي، جتي ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جو منهن ڏيندا آهن، وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب وڏي جنگ به شروع ٿي سگهي ٿي. آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن جي لاءِ خليج فارس ۾ اچ وڃ جي آزادي اهم مسئلو آهي ۽ ڪو به جهڙب يا جهيڙو جنهن سان پاڻي جا رستا متاثر ٿين، آمريڪي سامونڊي يا هوائي حرڪت تي مجبور ڪري سگهي ٿي. هي رستا بين الاقوامي شپنگ ۽ تيل پهچائڻ لاءِ اهم آهن. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ڳچ عرصي کان ايران کي مشرق وسطيٰ ۾ هڪ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ واري طاقت طور ڏسندا آهن. سعودي حڪومت جي لاءِ ايران هڪ خطرو آهي ۽ هي تاثر ملندو آهي ته سعودي ولي عهد هن جي خلاف ڪو به قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهي ته جيئن ايران جو وڌندڙ اثر رسوخ روڪي سگهجي.

تيل جي تنصيبات تي تازو حملن سعودي عرب جي ڪمزوري کي واضع ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي ۾ جنگ ڇڙڻ جا وڌيڪ امڪان آهن ڪنهن سوچيل سمجهيل منصوبي جي بجاءِ اوچتو ڪنهن واقعي ٿيڻ جا خدشا آهن. پر سعودي عرب جي جارحاڻي پاليسي ۽ ٽرمپ انتظاميه جي خطي ۾ پاليسي جي باري ۾ خاموشي به خطي ۾ ڳڻتي جو سبب آهي. ( بشڪريه بي بي سي، هي مضمون بي بي سي جي دفاعي تجزيه ڪار جوناٿن مارڪس لکيو جيڪو سنڌيار لاءِ سليم فضل ڪلهوڙو ترجمو ڪيو.)

پهنجو تبصرو موڪليو