ڇا جنت مرزا خاموشي سان شادي ڪري ڇڏي،بحث جاري

لاھور(ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو سبب پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ ڪوئن ۽ اڀرندڙ اداڪارا جنت مرزا جي شادي جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون، جنهن جي وائرل وڊيو سبب بحت پيدا ٿي ويو،سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ جنت مرزا سان ملندڙ جلندڙ ڇوڪري کي ڳاڙهي رنگ جي شادي واري لباس ۾ ڏسي سگهجي ٿو، هو پنهنجي شادي لاءِ اسٽيج تي چڙهڻ کان اڳ گهوٽ کي هٿ ڏئي رهي آهي، جڏهن ته شادي جي تقريب ۾ وڊيو گرافر ۽ فوٽوگرافر به فوٽو سيشن ڪندي،سوشل ميڊيا تي جيئن ئي اها مختصر وڊيو شيئر ڪئي وئي ته اها باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ خبرون گردش ڪرڻ لڳيون ته جنت مرزا خاموشي سان شادي ڪري ورتي آهي. وائرل وڊيو جي تبصرن ۾ ڪيترن ئي صارفين سوال ڪيو آهي ته ڇا واقعي جنت مرزا آهي؟ جڏهن ته ڪجهه صارفين اهو به چيو آهي ته ڪنوار جنت مرزا نه پر سندس ڀيڻ عليشبا انجم آهي.

https://www.instagram.com/reel/C0L8lMvIc3x/?utm_source=ig_embed&ig_rid=aa3ec7ea-86a8-4bbf-9c9d-8dbb4f827d5f

پهنجو تبصرو موڪليو